$header_html

Book Name:Imam Bukhari Ki Khas Teen Aadatain

فرمائيندو آهي۔

عاشقِ مال! اِس میں سوچ آخر کیا عُرُوج وکمال رکھا ہے؟

تجھ کو مل جائے گا جو قسمت میں تیری رزقِ حلال رکھا ہے

 صَلُّوا عَلَي الۡحَبيب!                                                                                    صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

قُوَّتِ ارادي(ارادي جومضبوط هئڻ) ۽ استقامت

پيارا اسلامي ڀائرو! ٻيو مدني گل جيڪو امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي حڪايت مان سکڻ لاءِ مليو اهو هي آهي : امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي قُوَّت ارادي ۽ سخاوت۔ اندازو ڪريو! امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي قُوَّتِ ارادي ڪيتري زبردست هئي ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ نيت ڪئي ۽ نيت به اها جنهن تي عمل ڪرڻ نه سندن تي واجب هو ، نه فرض ، جيڪڏهن پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان نيت جي خلاف عمل ڪن ها ته کين 10 هزار دِرۡهم جو منافعو ملي ها پر پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه 5 هزار دِرۡهم کي اهو چئي موٽائي ڇڏيائون ته “ مان پنهنجي نيت کي بدلڻ پسند نٿو ڪيان۔ “ (ہدایۃُ السَّارِی ، صفحہ : 65)

سُبۡحٰنَ الله! ڪيتري اعليٰ قُوَّتِ ارادي آهي...! هاڻي اسان ٿورو پنهنجي حال تي غور ڪريون! خبر ناهي اسان روزانو ڪيتريون نيتون ڪري ٽوڙي ڇڏيندا آهيون * رات جو سمهڻ مهل اَلارم لڳايو ته صبح فجر نماز باجماعت ادا ڪندس پر افسوس! صبح جو مٺي ننڊ جي بدلي ۾ فجر نماز قضا ڪئي ويندي آهي يا جماعت جو ثواب تَرڪ ڪيو ويندو آهي۔ * نيت ڪندا آهيون ته هاڻي گُنَاھ نه ڪنداسين پر نفس جي خواهش سان مغلوب ٿي ٻيهر گُنَاهن ۾ مُلَوِّث ٿي ويندا آهيون۔ * نيت ڪندا آهيون ته روزانو قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪندس۔ * نيت ڪندا آهيون ته “ نيڪ اَعۡمَال “ جو رسالو ڀريندس۔ * نيت ڪندا آهيون ته “ مدني قافلي “ جو مُسَافِر ٿيندس۔ * نيت ڪندا آهيون ته جمعرات جو هفتيوار اجتماع ۾ اَوَّل کان آخر شرڪت ڪندس۔ * نيت ڪندا آهيون ته هن هفتي پُورو


 

 



$footer_html