Book Name:Imam Bukhari Ki Khas Teen Aadatain
مدني مذاڪرو ڏسندس۔ * نيت ڪندا آهيون ته مان روزانو ايترا صفحا ديني ڪتاب جو مطالعو ڪندس پر معمولي رُڪاوٽ ، پريشاني جي ڪري يا رڳو سستي ، ڪاهلي ۽ آرام طلبي جي ڪري نيڪ اَعۡمَال کان محروم ٿي ويندا آهيون ۽ کوڙ سارا ته اهي به هوندا جن جو حال اهو آهي ته؛
ارادے باندھتا ہوں ، سوچتا ہوں ، توڑ دیتا ہوں
کہیں ایسا نہ ہو جائے ، کہیں ویسا نہ ہو جائے
يعني اسان ۾ ڪيئي اهڙا ماڻهو به هوندا جيڪي “ نيڪ ڪمن “ جي نيت ته ڪن ٿا پر صِرۡف معمولي يا بلڪل اجاين خدشن جي ڪري پنهنجي نيت پُوري نٿا ڪن ، ڪنهن کي گھر جي خرچن بابت فِڪر نيڪي کان پري ڪري ڇڏيندو آهي ، ڪنهن کي دوستن جي محبت نيڪي کان پري رکندي آهي ، ڪو ٻارن جي پرورش جو بهانو بڻائي نيڪ ڪمن کان پري رهندو آهي ، ڪو مال ۽ دولت جي حِرص سبب مجبور آهي ، ڪو دُنيا جي محبت ۾ گرفتار آهي ، مطلب هر ڪو ڪنهن نه ڪنهن طرح نيڪي جي نيت ڪري به وٺي پر ان کي پورو ڪرڻ ان لاءِ ڏکيو آهي۔
پر ياد رکو! قُوَّتِ ارادي ڪاميابي جو بنيادي شرط آهي۔ دُنيا جو سَروي ڪيو وڃي ، دُنيا ۾ جيترا ڪامياب ماڻهو ٿيا آهن سڀني ۾ قُوَّتِ اِرادي ضرور هئي ، هر ڪامياب شخص پنهنجي نيتن تي عمل ڪرڻ وارو ، پنهنجي ارادن سان وفا ڪرڻ وارو هوندو آهي ، چاهي ان جي راھ ۾ مشڪلاتن جا جبل ئي ڇو نه بيهي رهن ، پر هو پنهنجي نيت ۽ ارادي تي پُورو لهندو آهي۔ اسان جي آقا وموليٰ ، مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پاڪيزه سيرت ئي کي ڏسي وٺو! رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ديني تبليغ جي شروعات ڪئي ته ڪافِرن ڪهڙيون ڪهڙيون رنڊڪون نه وڌيون ، راهن ۾ ڪنڊا وڇايا ويا ، طائِف ۾ معاذ الله! جسم مقدس تي پٿر وسايا ويا ، سندن غلامن تي تمام گهڻو ظلم ۽ ستم ڪيو ويو پر