Book Name:Imam Bukhari Ki Khas Teen Aadatain
سُبۡحٰنَ الله! مسجد جو اَدَب هجي ته اهڙو هجي...!! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! شيخ طريقت ، امير اهلسنت حضرت علامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتۡ بَرَکاتُهمُ الۡعَالِيه جو مبارڪ انداز به اهڙو ئي آهي ، پاڻ به مسجد جو گھڻو احترام ڪندا آهن ، عام طور تي پاڻ دَامَتۡ بَرَکاتُهمُ الۡعَالِيه پنهنجي جيب ۾ هڪ پلاسٽڪ بيگ رکندا آهن ، جڏهن به مسجد ۾ وار يا ڪو ڪک وغيره نظر ايندو آهي ته ان کي کڻي پلاسٽڪ بيگ ۾ وجھي ڇڏيندا آهن ، جڏهن مسجد مان ٻاهر ايندا آهن ته جمع ٿيل ڪکن ۽ وارن وغيره کي ڪنهن مناسب هنڌ اڇلائي ڇڏيندا آهن۔
ڪاش! اسان کي به مسجد جو اهڙو ادب ۽ احترام نصيب ٿي وڃي۔ ياد رکو! مسجد الله پاڪ جو گھر آهي ، ان جي صفائي سٿرائي جو خيال رکڻ سُنَّتِ انبياء آهي۔ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو :
وَ عَهِدْنَاۤ اِلٰۤى اِبْرٰهٖمَ وَ اِسْمٰعِیْلَ اَنْ طَهِّرَا بَیْتِیَ لِلطَّآىٕفِیْنَ وَ الْعٰكِفِیْنَ وَ الرُّكَّعِ السُّجُوْدِ(۱۲۵) (پ۱ ، البقرة : ۱۲۵)
ترجمو ڪنزالايمان : ۽ اسان ابراهيم ۽ اسماعيل کي تاڪيد ڪيو ته منهنجي گھر کي طواف ڪندڙن ۽ اعتڪاف وارن ۽ رڪوع (۽) سجدو ڪرڻ وارن لاءِ چڱيءَ طرح پاڪ ڪريو۔
تفسير صراط الجنان ۾ هن آيت جي حوالي سان آهي : الله پاڪ حضرت ابراهيم ۽ حضرت اسماعيل عَلَيهمَا السَّلَام کي بيت الله شريف کي پاڪ صاف رکڻ جو حڪم ڏنو ، هن مان معلوم ٿيو ته خانه ڪعبه ۽ مسجدِ حرام شريف کي حاجين ، عمرو ڪرڻ وارن ، طواف ڪرڻ وارن ، اعتڪاف ڪرڻ وارن ۽ نمازين جي لاءِ پاڪ ۽ صاف رکيو وڃي ، اهو ئي حڪم مسجدن کي پاڪ ۽ صاف رکڻ جو آهي ، اتي گندگي ۽ بدبودار شيء نه آندي وڃي ، اها سُنَّتِ انبياء آهي۔
(صراط الجنان ، پارہ : 1 ، سورۃ البقرہ ، تحت الآیۃ : 125 ، جلد : 1 ، صفحہ : 205)
شيخ طريقت ، امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهمُ الۡعَالِيه مسجد جي صفائي سٿرائي بابت مدني