Book Name:Imam Bukhari Ki Khas Teen Aadatain
المدينه مان دَرسِ نظامي يعني عالِمِ ڪورس مڪمل ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪندا ته دعوتِ اسلامي انهن کي ، ڊبل M.A جي ڊگري جارِي ڪندي۔
تنهنڪري ڪوشش ڪريو! جامعة المدينه ۾ داخِلا وٺو ، ديني علم پڙھو ۽ دُنيا ۽ آخرت جون ڀلايون حاصِل ڪريو ، جيڪڏهن اوهان ڪنهن سبب جامعة المدينه ۾ داخِلا نٿا وٺي سگھو ته مڪتبة المدينه تان * فيضانِ چهل حديث * 40 فرامينِ مصطفيٰ * احاديثِ مبارڪه جا انوار ۽ * فيضانِ رياض الصالحين وغيره ڪتاب حاصِل ڪريو ، انهن ڪتابن ۾ حديث سڳوريون اُردُو ترجمي ۽ تشريح سان لکيل آهن ، انهن جي ذريعي حديثون پڙهو ، سمجھو ، ياد ڪريو ۽ ٻين تائين به پهچايو ، ڇوته حديثون ياد ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ وارن کي پياري آقا ، مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دُعا ڏيندي ارشاد فرمايو : الله پاڪ اُن شخص کي ترو تازه رکي جيڪو منهنجي حديث ٻُڌي ، ان کي ياد ڪري ۽ ٻين تائين پهچائي۔
الله پاڪ امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي صدقي ۾ اسان کي عِلمِ حديث جو شوق نصيب فرمائي۔
اٰمِين بِجَاه النَّبِي الاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔
صَلُّوا عَلَي الۡحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم : مدني مذاڪره
پيارا اسلامي ڀائرو! عِلۡمِ دين سکڻ ، نيڪين جو جذبو ماڻڻ ، اولياءِ ڪرام جي محبت دِل ۾ وڌائڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ 12 ديني ڪمن ۾ عملي طور حِصّو وٺو! دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي : مدني مذاڪره۔
الحمد لله! شيخ طريقت ، امير اهلسنت ، حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتۡ بَرَکاتُهمُ الۡعَالِيه هر ڇنڇر ۽ آچر جي وچين رات جو مدني چينل تي Live (براه راست) مدني مذاڪرو ڪندا آهن ، يعني سڄي دُنيا