Book Name:Imam Bukhari Ki Khas Teen Aadatain
پيارا اسلامي ڀائرو! امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو سڀ کان وڏو ڪارنامو جنهن سان اڄ به دُنيا فيض حاصِل ڪري رهي آهي ، اهو آهي امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو لکيل ڪتاب “ صحيح بخاري شريف “ هن ڪتاب ۾ امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه حُضور جانِ رحمت ، شمعِ بزمِ هدايت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون حديثون گڏ ڪيون آهن ، بُخَارِي شريف ايترو مضبوط ڪتاب آهي ، جو عالم سڳورا هن باري ۾ فرمائن ٿا : اَصَحُّ الْکتُبِ بَعۡدَ کَتَابِ الله الصَّحِيحِ الۡبُخَارِي يعني قرآنِ ڪريم کان پوءِ سڀ کان دُرُست ڪتاب “ صحيح بخاري “ آهي۔
امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا : مون جڏهن به پنهنجي ڪتاب (صحيح بُخَاري شريف) ۾ ڪا حديث لکڻ جو ارادو ڪيو ته ان کان پهريان غسل ڪري 2 رڪعت نماز ادا ڪئي ، مون هن ڪتاب ۾ موجود حديثن کي 6 لک حديثن مان چونڊيو آهي ، 16 سال جي عرصي ۾ هن ڪتاب کي لکيو ۽ اهو ڪتاب منهنجي ۽ الله ڪريم جي وچ ۾ حُجَّت (يعني دليل) آهي۔ (المستطرف ، جلد : 1 صفحہ : 40)
حضرت علَّامه علي قارِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا : بزرگن لکيو آهي : جيڪڏهن ڪنهن مشڪل ۾ صحيح بُخاري شريف کي پڙھيو وڃي ته اها مشڪل پري ٿي ويندي آهي ۽ اهو ڪتاب جنهن ٻيڙي ۾ هجي اها ٻڏندي ناهي۔ ڏُڪار (يعني برسات نه ٿيڻ وارن ڏينهن ۾) بُخَاري شريف کي پڙھيو وڃي ته برسات ٿي ويندي آهي۔ حضرت امام اَصِيلُ الدين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا : مون پنهنجي ۽ ٻين جي مشڪلاتن ۽ پريشانين جي لاءِ صحيح بُخَاري شريف جو 120 ڀيرا ختم ڪڍيو ، ۽ سموريون مرادون ۽ ضرورتون پُوريون ٿي ويون۔ (مرقات ، جلد : 1 صفحہ : 54) حڪيم الاُمَّت ، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا : مصيبتن ۾ بُخَاري جو ختم ڪيو ويندو آهي ، جنهن جي برڪت ۽ الله پاڪ جي فضل سان مصيبتون ٽري وينديون آهن۔ (مرآۃ المناجیح ، جلد : 1 صفحہ : 11خلاصۃً)