$header_html

Book Name:Imam Bukhari Ki Khas Teen Aadatain

عالِم دِين ۽ خاص ڪري عِلۡمِ حديث جا تمام وڏا امام آهن۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه 13 شوال المڪرم 194 هجري تي بُخارا ۾ پيدا ٿيا. (ہدایۃُ السَّارِی ، صفحہ : 49) ۽ 62 سال دُنيا ۾ تشريف فرما رهي پهرين شوال المڪرم 256 هجري تي فاني دُنيا مان لاڏاڻو ڪيو. (ہدایۃُ السَّارِی ، صفحہ : 179) سندن مزار پُرانوار سمرقند جي ويجھو “ خَرۡتَنۡڪ “ نالي علائقي ۾ آهي۔ (ہدایۃُ السَّارِی ، صفحہ : 177)

امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سڄي زِندگي عِلۡمِ حديث جي تمام گھڻي خدمت ڪئي ، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه گھڻا عبادت گذار ، زَاهد ۽ متقي هئا ، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي وفات کان پوءِ ڪافِي عرصي تائين سندن قبر شريف مان مشڪ کان به وڌيڪ بهترين خوشبو ايندي رهي ، ماڻهو تَبَرُّڪ (يعني برڪت حاصِل ڪرڻ جي لاءِ) پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي مزار مبارڪ جي مٽي کڻي ويندا هئا۔ (ہدایۃُ السَّارِی ، صفحہ : 178)

صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

(2) : ماهوار  آمدني ديني عِلم حاصل ڪرڻ لاءِ خرچ ڪندا ها

  پيارا اسلامي ڀائرو! امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه اڃا ننڍڙي عمر ۾ هئا جو سندن والِد محترم دُنيا مان وفات ڪري ويا ، امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي پنهنجي والدِ محترم جي وراثت مان ڪافِي مال مليو هو ، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه عِلمِ دين سکڻ ۾ مَصرُوف رهيا ۽ والد صاحب جي طرفان وراثت طور ملندڙ مال مُضَارَبت تي ڏئي ڇڏيو۔  (ہدایۃُ السَّارِی ، صفحہ : 63)

 

   “ مُضَاربت “ واپار جو هڪ قسم آهي ، هن ۾ هڪ شخص پنهنجو مال ڏيندو آهي ۽ ٻيو شخص محنت ڪندو آهي ، حضرت علامه مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا : انسان مختلف قسمن جا آهن ، ڪجھ مالدار آهن ۽ ڪجھ غريب۔ بعض مالدارن کي ڪم ڪرڻ جو طريقو ناهي ايندو ، واپار جي اُصُولن کان اهي ماڻهو اڻ واقف هوندا آهن ۽ بعض غريب ماڻهو ڪم ڪرڻ ته ڄاڻن ٿا پر انهن وٽ پيسو ناهي هوندو ، ان ڪري واپار ڪيئن ڪن؟ انهيء مصلحت تحت شريعت مُضَاربت کي جائِز رکيو ته جيئن امير پنهنجو مال خرچ ڪري ، غريب ان پيسي جي ذريعي واپار ڪري ۽ اهڙي طرح ٻنهي کي فائدو


 

 



$footer_html