Book Name:Imam Bukhari Ki Khas Teen Aadatain
اللهِ عَلَيۡه ماکي جي مک جي 17 هنڌن تي ڏنگڻ باوُجُود نماز نه ٽوڙڻ بابت فرمايائون : مان هڪ آيت جي تلاوت ڪري رهيو هئس ۽ منهنجي اها خواهش هئي ته مان اها آيت پُوري ڪري وٺان۔ (ہدایۃُ السَّارِی ، صفحہ : 70)
امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو معمول هو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه رمضان المبارڪ ۾ هڪ قرآنِ پاڪ نمازِ تراويح ۾ مڪمل ڪندا هئا ، پوءِ تهجد نماز ۾ هر 3 ڏينهن ۾ هڪ قرآن مڪمل ڪندا هئا ، ۽ سحري کان افطار تائين هر ڏينهن هڪ قرآن پاڪ مڪمل تلاوت ڪندا هئا ، اهڙي طرح جيڪڏهن رمضان المبارڪ 30 ڏينهن جو ٿيندو هو ته امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ مهيني ۾ 41 قرآنِ پاڪ مڪمل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا هئا۔ (ہدایۃُ السَّارِی ، صفحہ : 72)
سُبۡحٰنَ الله! ڪرڻ جا ڪم اهي آهن..!! پر اَفۡسَوس اسان ٻين جي معاملن ۾ هروڀرو دخل اندازي ڪري ۽ نه ڪرڻ وارن ڪمن ۾ مَصۡرُوف رهون ٿا۔ ڪاش! اسان به پنهنجي بزرگن جي سيرت تي عمل ڪرڻ وارا بڻجي وڃون۔
بنا دے مجھے نیک نیکوں کا صدقہ گناہوں سے ہر دم بچا یااِلٰہی!
صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
(6) : امام بُخَارِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ۽ حقوق العباد
پيارا اسلامي ڀائرو! امام محمد بن اسماعيل بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه حقوق العباد جي مُعَامَلي ۾ گھڻا حُسَّاس هئا ، امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سڄي زِندگي ڪڏهن ڪنهن جي حق تلفي ڪانه ڪئي ، جيڪڏهن بي خبري ۾ ڪنهن جو حق ضايع ٿي به ويو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه يڪدم ان جي تَلافي ڪئي ته جيئن آخرت ۾ ان جو بدلو نه ڏيڻو پوي۔ امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه خود فرمائن ٿا : لَايَکوۡنُ لِي خَصۡمٌ فِي الۡآخِرَة يعني قيامت جي ڏينهن ڪو به مون کان پنهنجو حق گھرڻ وارو نه هوندو (اِن شَآءَ الله الڪرِيم!)۔ (ہدایۃُ السَّارِی ، صفحہ : 67)