Imam Bukhari Ki Khas Teen Aadatain

Book Name:Imam Bukhari Ki Khas Teen Aadatain

امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا هڪ دوست حضرت اَبُو جعفر رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا : تير اندازي جي لاءِ هڪ نهر (شاخ) جي ويجھو وياسين ۽ تير هلائڻ جي مشق ڪرڻ لڳاسون ، ان دوران امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو هلايل هڪ تير نهر تي ٺهيل ڪاٺ جي پُل ۾ لڳو ، جنهن سان پُل جو ڪِل ٽٽي پيو ، اهو ڏسي امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سُواري تان هيٺ لٿا ، پُل جي ويجھو وڃي تير ڪڍيائون ۽ مون کي (يعني پنهنجي دوست حضرت ابوجعفر رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه) کي فرمايو : ڇا اوهان منهنجو هڪ ڪم ڪندؤ؟ چيم : جي ها! ڪندس۔ امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو : ان پُل جي مالِڪ وٽ وڃ! ان کي سڄي ڳالھ ٻڌائي چئو ته يا ته اسان کي هن ڪِل جي جڳھ تي نئون ڪل لڳائڻ جي اجازت ڏيو ، يا ان ڪِل جي قيمت وصول ڪريو ۽ جيڪڏهن اهي ٻئي ڳالھيون نه کپن ، ته پوءِ پنهنجو حق مون کي معاف ڪري ڇڏيو۔

حضرت ابو جعفر رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پُل جي مالڪ وٽ پهتو ، ان کي تمام واقعو ٻڌايو ۽ امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو پيغام ٻُڌايو ته پُل جي مالِڪ چيو : ابو عبد الله (يعني امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه) کي منهنجو سلام پهچائي چئجان : اي ابوعبد الله! منهنجي مِلڪيت ۾ جيڪو ڪجھ آهي سڀ ڪجھ اوهان تي قربان آهي ، مان پنهنجو حق اوهان کي مُعَاف ڪيان ٿو۔

حضرت ابوجعفر رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا : جڏهن مون پُل جي مالِڪ جو اهو پيغام امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي ٻُڌايو ته خوشي سان سندن چهرو چمڪڻ لڳو ، انهيء خوشي ۾ امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان ڏينهن 300 دِرۡهمن جو صدقو ڪيو ۽ غريب شاگردن کي 500 حديثون ٻڌايون۔ (ہدایۃُ السَّارِی ، صفحہ : 66)

پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ٻانهن جي حقن جي مُعَاملي ۾ ڪيترا حُسَّاس هئا ، الله پاڪ امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي صدقي اسان کي به حقوق العباد جو خيال رکڻ ، ڪنهن به حق تلفي کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ