$header_html

Book Name:Imam Bukhari Ki Khas Teen Aadatain

سرڪارِ عالي وقار ، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ديني تبليغ جو سلسلو نه روڪڻو هو ، نه ئي پاڻ اهو مبارڪ سلسلو روڪيائون ۽ پوءِ پنهنجي آقا وموليٰ ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو اهو بي مثال جملو به ياد ڪيو! جڏهن مڪي جي ڪافرن پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي مال ودولت جي لالچ ڏيڻ جي ناپاڪ جسارت ڪئي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو : جيڪڏهن منهنجي هڪ هٿ ۾ سج ۽ ٻي ۾ چنڊ به رکيو وڃي ، تڏهن به مان ديني تبليغ کان پوئتي نه هٽندس۔

سُبۡحٰنَ الله! ڪاش! اسان کي به پنهنجي آقا جانِ رحمت ، مالِڪ جنت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صدقي ۾ “ مضبوط ارادو “ نصيب ٿي وڃي۔ ڪاش! اسان به پنهنجي نيڪ ارادن ، سٺين سٺين ، فِڪرِ آخرت وارين ، جهنّم کان بچائڻ وارين ، جنّت ۾ پهچائڻ وارين نيتن کي پُورو ڪرڻ وارا بڻجي وڃون۔

اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

اُٹھ باندھ کمر کیا ڈرتا ہے

پھر دیکھ خدا کیا کرتا ہے

 صَلُّوا عَلَي الۡحَبيب!                                                                                    صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

(4) : مسجد جو اَدب ۽ احترام

هڪ ڏينهن امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه مسجد ۾ تشريف فرما هئا ، هڪ شخص پنهنجي ڏاڙھي ۾ اٽڪيل ڪک ڪڍي مسجد جي فرش تي ڦٽو ڪيو۔ حضرت محمد بن منصور رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا : مون ڏٺو ته امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ نظر اُن ڪک ڏانهن پيا ڏسن ، ته هڪ نظر مسجد ۾ موجود ماڻهن جي ڏانهن پيا وجھن ، نيٺ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ماڻهن جي نظرن کان بچي ڪک کنيو ۽ پنهنجي آستين ۾ رکي ورتو ، پوءِ جڏهن مسجد کان ٻاهر نڪتا ته ان کي اڇلائي ڇڏيو۔ (ہدایۃُ السَّارِی ، صفحہ : 73)


 

 



$footer_html