Book Name:Imam Bukhari Ki Khas Teen Aadatain
گل ڏيندي ارشاد فرمائن ٿا : * مسجد جي اندر ڪنهن قسم جو گند ڪچرو هرگز نه اڇلايو ، سيدنا شيخ عبد الحق مُحَدِّث دِهلوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه “ جَذۡبُ الۡقُلُوب “ ۾ نقل ڪن ٿا ته مسجد ۾ جيڪڏهن خَس (يعني معمولي ڪک يا ذرو) به اڇليو وڃي ته ان سان مسجد کي ايتريقدر تڪليف پهچندي آهي جيتريقدر تڪليف انسان کي پنهنجي اک ۾ ڪک (يعني معمولي ذرو) پئجي وڃڻ سان ٿيندي آهي۔ * مسجد جي ديوار ، ان جي فرش ، تڏي يا فراسيءَ جي مٿان ۽ ان جي هيٺان ٿُڪڻ ، نڪ سڻڪڻ ، نڪ يا ڪن مان گند ڪڍي لڳائڻ ، مسجد جي فراسيءَ يا تڏيءَ مان ڌاڳو يا تيلو وغيره ڪڍڻ سڀ منع آهي۔ * ضرورت جي وقت پنهنجي رومال وغـيره سـان نڪ صاف ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي۔ * مسجد جو ڪچرو ٻُهاري اهڙي جاءِ تي نه اڇلايو جتي بي ادبي ٿئي۔ * جُتيون لاهي مسجد ۾ ساڻ کڻي وڃڻ چاهيو ته مٽي وغيره ٻاهر ڇنڊي وٺو۔ * جيڪڏهن پيرن جي تِرين ۾ مٽيءَ جا ذرا لڳل هجن ته پنهنجي رومال وغيره سان اگهي پوءِ مسجد ۾ داخل ٿيو۔ * مسجد جي وضو خاني تي وضو ڪرڻ کان پوءِ پير وضو خاني تي ئي چڱيءَ طرح خشڪ ڪري ڇڏيو۔ آلا پير کڻي هلڻ سان مسجد جو فرش گندو ۽ فراسيون ميريون ۽ خراب ٿي وينديون آهن۔ (فیضان رمضان ، صفحہ : 245)
صَلُّوا عَلَي الۡحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جون ٽي خاص عادتون
حضرت حَسَن بن محمد سمرقندي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا : امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جون 3 خاص عادتون هيون : نمبر 1 : کانَ قَلِيلُ الۡکلَامِ امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه گھٽ ڳالهائيندا هئا۔ نمبر 2 : کانَ لَايطۡمَعُ فِيمَا عِنۡدَ النَّاسِ ماڻهن وٽ جيڪو ڪجھ هوندو هو ، امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان ۾ لالچ نه رکندا هئا۔ نمبر 3 : کانَ لَايشۡتَغِلُ بِاُمُوۡرِ النَّاسِ امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ماڻهن جي معاملن ۾ دَخۡل اندازي نه ڪندا هئا۔
(ہدایۃُ السَّارِی ، صفحہ : 76)