Book Name:Imam Bukhari Ki Khas Teen Aadatain
توهان ۽ توهان سان گڏ شهر جا ماڻهو امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي مزار مبارڪ تي هلن ۽ اتي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ برسات جي لاءِ دُعا ڪريو۔ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ وڏي اُمِّيد آهي ته الله پاڪ پنهنجي هن نيڪ ٻانهي جو وسيلو قبول ڪندو ۽ انهن جي صدقي ۾ رحمت جي برسات وسائيندو۔
شهر جو قاضِي صاحب به اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! عاشق رسول ۽ ولين جو عاشق هو ، ان نيڪ شخص جو خوبصُورت مشورو ٻڌي خوشي مان چيائين : نِعۡمَ مَا رَاَيتَ اوهان جي راءِ ڪيتري سٺي آهي...! يعني قاضِي صاحب شهر وارن کي گڏ وٺي امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي مزار مبارڪ تي حاضِر ٿيڻ ۽ سندن وسيلي سان برسات جي دُعا گھرڻ جي لاءِ راضِي ٿي ويو۔
امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي مزار مبارڪ سمر قند کان ڪجھ ئي ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي ، قاضِي صاحب ۽ سمرقند جا ماڻهو قافلي جي صُورت ۾ امام محمد بن اسماعيل بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي مزار پُرانوار تي حاضِر ٿيا ، رَوئي رَوئي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دُعائون گھريون ، توبه ۽ استغفار ڪئي ۽ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو وسيلو پيش ڪيو۔
سُبۡحٰنَ الله! امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي بارگاھ الٰهي ۾ مقبوليت ڏسو ته اڃا سمر قند وارا دُعائن ۾ مَصرُوف هئا جو ڪڪر ڇانئجي ويا ۽ مسلسل 7 ڏينهن تائين برسات وسندي رهي ، ايستائين جو سمرقند وارن کي 7 ڏينهن تائين اتي “ خَرۡتَنڪ “ نالي ڳوٺ ۾ رهڻو پيو ، انهن مان ڪو به برسات جي شِدَّت جي سبب پنهنجي گھر نه پهچي سگھيو۔ (ہدایۃُ السَّارِی ، صفحہ : 181)
صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
نبين ۽ ولين جي وسيلي سان دُعا گھرڻ ڪيئن؟
اي عاشقانِ رسول! هن حڪايت مان خبر پئي ته * اولياءِ ڪرام جي مزارن