Book Name:Imam Bukhari Ki Khas Teen Aadatain
بدقسمتي سان اڄ اسان جي اڪثريت هن پاڪيزه وَصۡف کان مَحۡرُوم آهي ، * ڊاڪٽر نه هئڻ جي باوُجود مريض کي نسخو ٻڌائڻ ، * هروڀرو مفت مشورا ڏيڻ ، * ڪنهن جي گھر وڃڻو هجي ته گھر جي عِمَارت ۾ ، گھر جي ساز وسامان ۾ ، گھر جي سيٽنگ ۾ بِلااِجازتِ شرعي عيب ڪڍڻ ، مثال طور اوهان گھر اهڙو بڻايو ، هيئن ٺهرايو ها ته بهتر هو ، اها ٽيبل هتي رکيل آهي ، هوڏانهن رکو ها ته سٺو لڳي ها وغيره وغيره۔ * اهڙي طرح چار دوست گڏجي ويهي رهن ته حڪومتن جي مُعَاملات تي تبصرا شروع ڪندا آهن ، فلاڻي حڪمران کي هيئن نه ڪرڻ گھرجي ها ، فُلاڻي وزير صاحب اهو بيان ڏنو ، ان کي هيءُ بيان ڏيڻ گھرجي ها ، پوءِ هن باري ۾ غيبتن ۽ بهتانن جو جيڪو گُنَاهن ڀريو سلسلو شروع ٿيندو آهي ، الامان والحفيظ...!! * اهڙي طرح ملڪي وغير ملڪي حالات ۾ اجائي دلچسپي * ماڻهن جا عيب ڳولهڻ * ماڻهن جي ذاتي مُعَامَلن ۾ دلچسپي وٺڻ ، * ٻين کان اُن جي ذاتي زِندگي جي باري ۾ سُوال ڪرڻ وغيره اهو سڀ ٻين جي مُعَاملن ۾ فضول دخل اندازي ئي جا مثال آهن۔
ياد رکو! ڪاميابي هميشه اُن جا قدم چُمندي آهي جيڪو پنهنجي ڪم سان ڪم رکي ٿو ، صِرۡف ڪرڻ جا ڪم ڪرڻ ، نه ڪرڻ جي ڪمن کان هميشه بچندو رهي ٿو ، ڏسو! امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه صِرۡف ڪرڻ جا ڪم ڪندا هئا ، نه ڪرڻ جي ڪمن مثال طور ٻين جي مُعَاملن ۾ اجائي دخل اندازي کان هميشه پري رهندا هئا ، اهو ئي سبب آهي جو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪامياب ترين زندگي گذاري ، دُنيا ۾ به ڪامياب رهيا ۽ اِنۡ شَآءَ الله الۡڪرِيم! آخرت ۾ به ڪامياب ئي آهن۔
(5) : امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو شوقِ تِلاوت
هڪ ڏينهن امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه نماز پڙھي رهيا هئا ، ان دوران ماکي جي مک پاڻ کي 17 هنڌن تي ڏنگيو ، نماز پُوري ڪرڻ کان پوءِ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو : ڏسو ته ڪهڙي شيء آهي جيڪا نماز ۾ مون کي تڪليف پهچائي رهي هئي؟ شاگردن ڏٺو ته سندن پٺي مبارڪ 17 هنڌن تان سُڄي پئي هئي۔ امام بخاري رَحْمَةُ