$header_html

Book Name:Imam Bukhari Ki Khas Teen Aadatain

حِرْصِ دُنیا نکال دے دِل سے                            بَس رَہُوں طالِبِ رضا یارَبّ

صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقانِ رسول! الحمد لله! امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ماڻهن ۾ تمام گھڻي مقبوليت رکندڙ شخصيت هئا ، سندن زماني جا ماڻهو به ساڻس گھڻي محبت ڪندا هئا ، شايد امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ان مقبوليت جو سبب اهو به هو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ماڻهن وٽ موجود شين جي لالچ نه رکندا هئا۔ حديثِ پاڪ ۾ آهي ، هڪ ڀيري هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡه بارگاھ رِسَالت ۾ حاضِر ٿي عرض ڪيو : يارَسُولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مون کي ڪو اهڙو عمل ٻڌايو جنهن تي عمل ڪرڻ سان الله پاڪ به مون سان محبت فرمائي ۽ ماڻهو به محبت ڪن۔ پياري آقا ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو : اِزۡھَدۡ فِي الدُّنۡيا يحِبُّک الله وَازۡهدۡ فِيمَا عِنۡدَ النَّاسِ يحِبُّک النَّاسُ دُنيا کان بي رغبت ٿي وڃ ، الله پاڪ تون سان محبت ڪندو ۽ ماڻهن وٽ جيڪو ڪجھ آهي ، ان کان بي رغبت ٿي وڃ ، ماڻهو توسان محبت ڪرڻ لڳندا۔ (ابن ماجہ ، کتاب : الزہد ، صفحہ : 667 ، حدیث : 4102)

هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي : مؤمن جو شَرف رات جي عبادت ۾ آهي ۽ ان جي عزَّت ماڻهن سان بي پرواھ ٿي وڃڻ ۾ آهي۔ (مستدرک حاکم ، کتاب : الرقاق ، جلد : 5 ، صفحہ : 463 ، حدیث : 7991)

الله پاڪ اسان کي به طمع ، لالچ ۽ ماڻهن وٽ موجود نعمتن ڏانهن لالچ ڀري نگاهن سان ڏسڻ کان محفوظ فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔

(۳) : امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي ڪم سان ڪم رکندا هئا

امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ٽئين خاص عادت اها آهي ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ماڻهن جي مُعَامَلن ۾ هروڀرو دخل اندازي نه ڪندا هئا بلڪ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي ڪم سان ڪم رکندا هئا۔


 

 



$footer_html