$header_html

Book Name:Imam Bukhari Ki Khas Teen Aadatain

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون     

حديثِ پاڪ ۾ آهي : اَفۡضَلُ الۡعَمَلِ اَلنِّيَّةُ الصَّادِقَةُ سچي نيت اَفضَل تَرين عَمل آهي۔

(جامع صغیر ، صفحہ : 81 ، حدیث : 1284)

اي عاشقانِ رسول! هر جائز ڪم کان پهريان سٺيون نيتون ڪرڻ جي عادت بنائڻ گھرجي ، ڇوته سٺي نيت انسان کي جنَّت ۾ داخِل ڪرائيندي آهي۔ بيان ٻڌڻ کان پهريان به سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو! مثال طور نيت ڪريو! * عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دوران سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس ، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّو ۡا عَلَي الۡحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

(1) : سمر قند مان ڏڪار ڪيئن ختم ٿيو؟

پيارا اسلامي ڀائرو! اُزۡبڪِسۡتَان “ افغانستان “ جو پاڙيسري مُلڪ آهي ، ان جو هڪ تمام پراڻو ۽ تاريخي شهر : سمر قند آهي۔ ڪم وبيش هڪ هزار سال پهريان جي ڳالھ آهي؛ سمرقند ۾ سخت ڏڪار پيو ، برساتون نه پيون ٿين ، فصل سُڪي ويا ۽ خوراڪ جي قلت ٿي پئي ، ان ڪري ماڻهو گهڻو پريشان ٿيا۔ ماڻهن ڪيئي ڀيرا “ نمازِ استسقاء (يعني الله پاڪ کان برسات گهرڻ لاءِ خاص نماز)به پڙھي ، دُعائون به گھريون پر برسات ڪانه ٿي۔

پريشاني جي انهن ڏينهن ۾ هڪ ڏينهن هڪ نيڪ شخص شهر جي قاضي صاحب وٽ ويو ۽ چيائين : قاضِي صاحب! اوهان پسند فرمايو ته منهنجي هڪ راءِ آهي۔ قاضِي صاحب فرمايو : جي! ضرور ارشاد فرمايو...!! اُن نيڪ شخص چيو : قاضِي صاحب! سمرقند جي ويجھو ئي الله پاڪ جي نيڪ ۽ برگزيده شخص حضرت امام محمد بن اسماعيل بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو مزار مبارڪ آهي ،


 

 



$footer_html