$header_html

Book Name:Imam Bukhari Ki Khas Teen Aadatain

اي عاشقانِ رسول! امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جون اهي ٽي صفتون(عادتون) هڪ باڪردار ، خوش اخلاق ۽ متقي پرهيز گار ٻانهن واريون صفتون آهن۔ اچو! امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي انهن ٽنهي صفتن(عادتن) جي وَضَاحت ٻڌون ٿا :

(۱) : امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه گھٽ ڳالهائڻ وارا هئا

هنن ٽنهي عادتن مان مان پهرين عادت اها هئي ته امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه گھٽ ڳالهائيندا هئا۔ پيارا اسلامي ڀائرو! امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي اها عادت هن ڳالھ جو دليل آهي ته امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه 80 سيڪڙو گُنَاهن کان محفوظ رهندا هئا ڇوته 80 سيڪڙو ۽ هڪ قول مطابق 95 سيڪڙو گُنَاھ زبان ئي سان ٿيندا آهن ، حديثِ پاڪ ۾ آهي : اِنَّ اَکْثَرَ خَطَايا اِبۡنِ آدَمَ فِي لِسَانِهٖ انسان جون اڪثر خطائون ان جي زبان جي ڪري ٿينديون آهن۔ (کنز العُمَّال ، کتاب : الاخلاق ، جلد : 3 ، صفحہ : 223 ، حدیث : 7885) حضرت اُمامه رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي ، سرڪارِ عالي وقار ، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو : حياء ۽ خاموشي ايمان جون ٻه شاخون آهن۔ (ترمذی ، کتاب : بِرْ والصِّلَہ ، صفحہ : 490 ، حدیث : 2027) هڪ ڀيري حضرت سفيان بن عبد الله ثقفي رَضِىَ اللهُ عَنۡه عرض ڪيو : يارَسُولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! جن شين بابت اوهان مون تي خوف ڪريو ٿا ، انهن مان وڌيڪ خطرناڪ ڪهڙي شيء آهي؟ پياري آقا ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي زبان مبارڪ پڪڙي فرمايو : هيءَ (يعني توهان جي زبان)۔ (ترمذی ، کتاب : الزہد ، صفحہ : 572 ، حدیث : 2410)

مَعۡلُوم ٿيو اسان جي جسم ۾ زبان اَهم ترين عُضو آهي ، اسان کي به گھرجي ته اسان پنهنجي زبان جي حِفَاظت ڪريون ، زبان کي غيبت کان بچايون ، زبان کي چغلي کان ، ڪوڙ کان ، گار گند کان ، فحش ڪلامي کان مطلب ته هر گُنَاھن ڀري گفتگو کان بلڪه هر فُضُول ڳالھ کان محفوظ رکون ، ڇوته زبان جي بي احتياطي جهنّم ۾ وٺي وڃڻ جو سبب ۽ زبان جي حفاظت جنّت ۾ وٺي وڃڻ جو ذريعو آهي۔ امام ابنِ اَبِي الدُّنيا رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه نقل فرمائن ٿا : هڪ ڏينهن حضرت آدم


 

 



$footer_html