$header_html

Book Name:Imam Bukhari Ki Khas Teen Aadatain

مان ايندڙ عاشقانِ رسول جي سوالن جا جواب ارشاد فرمائيندا آهن۔ الحمد لله! مدني مذاڪرو عِلۡمِ دين سکڻ جو بهترين ۽ آسان ترين ذريعو آهي ، اوهان به ڪوشش ڪري هر ڇنڇر ۽ آچر جي وچين رات بعد نمازِ عشاء مدني چينل تي ۽ جيڪو عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه ڪراچي پهچي سگھي ٿو اتي وڃي مدني مذاڪري ۾ شرڪت جي عادت بڻائي ، ان جي برڪت سان اِنۡ شَآءَ الله الۡڪرِيم! عِلۡمِ دين سکڻ ، عَمَل جو جذبو ۽ قبر ۽ آخرت جي تياري جو ڀرپور ذهن بڻجندو۔

عِلۡم وحڪمت ڀريو مدني مذاڪرو

واھ ڪينٽ (ضلعي راولپنڊي) جي هڪ نوجوان جو بيان آهي : نمازون قضا ڪرڻ ، فلمون ڏسي شيطان کي خوش ڪرڻ ۽ گانا باجا وغيره ٻُڌي مست رهڻ منهنجو معمول هو ، افسوس! مان سُنتن تي عمل ڪرڻ کان محروم هئس ، منهنجي گُنَاهن ڀري زِندگي ۾ روشني هن طرح ٿي جو هڪ ڏينهن هڪ مبلغ دعوتِ اسلامي سان منهنجي ملاقات ٿي ، ان مون کي سمجھائيندي اجتماعي سُنَّت اعتڪاف جو ذهن ڏنو ، ان جي مٺي انداز ۾ ڏنل نيڪي جي دعوت منهنجي دِل تي اَثَر ڪري وئي ۽ مان اجتماعي اعتڪاف ۾ شريڪ ٿيس ، هاڻي منهنجا ڏينهن رات عبادت ۾ گذرڻ لڳا ، پُرسوز بيانات ۽ رِقَّت انگيز دُعائن منهنجي دِل جي دنيا ئي بدلي ڇڏي ، وڌيڪ ڪرم اهو ٿيو جو اجتماعي اعتڪاف ۾ امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهمُ الۡعَالِيه جو مدني مذاڪرو ٻڌڻ جي سعادت ملي ، سندن پُر اَثَر ملفوظات سبب مان ايتري قدر متاثر ٿيس جو مون يڪدم پنهنجن سمورن اڳوڻن گناهن کان توبه ڪئي ۽ نمازن جي پابندي جو عزم ڪري ورتو ، امير اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهمُ الۡعَالِيه جي ترغيب ڏيارڻ تي چنڊ رات جو گھر وڃڻ بدران راھ خُدا جو مسافر بڻجي ويس جتي ديني عِلم جي سنهري موتين سان دامن ڀرڻ جو موقعو مليو ۽ سنتون سکڻ سان گڏوگڏ ان تي عمل ڪرڻ جو جذبو به دِل ۾ پيدا ٿي ويو۔

مدنی مذاکرہ ہے شریعت کا خزینہ        اَخْلاق کا ، تہذیب کا ، طریقت کا خزینہ

صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد


 

 



$footer_html