Book Name:Imam Bukhari Ki Khas Teen Aadatain
پيارا اسلامي ڀائرو! امام بُخَاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو لکيل ڪتاب “ صحيح بُخَارِي شريف “ تمام بابرڪت ۽ مَقۡبُول ڪتاب آهي ، امام ابُو زيد مَرۡوَزِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا : مان هڪ ڀيري مڪي پاڪ ۾ مقامِ ابراهيم ۽ حجرِ اَسۡوَد جي وچ ۾ سُتل هئس ته خواب ۾ الله پاڪ جي پياري ۽ آخري نبي ، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت نصيب ٿي. حُضُور جانِ ڪائنات ، فخر موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو : اي ابوزيد! اسان جي ڪتَاب جو دَرس ڇو نٿا ڏيو؟ مون عرض ڪيو : يارَسُولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! منهنجي جان اوهان تي قربان...!! اوهان جو ڪتاب ڪهڙو آهي؟ حُضُورِ اڪرم ، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايو : محمد بن اسماعيل (يعني امام بُخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه) جو ڪتاب “ بخاري شريف۔ “ (بستان المحدثین ، صفحہ : 274-275ملتقطا)
پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان بُخَاري شريف ڪيترو بابرڪت ڪتاب آهي۔ الحمد لله! اڄ به هر مدرسي ۾ جتي دَرۡسِ نظامي يعني عالِم ڪورس ڪرايو ويندو آهي ، اتي بُخَاري شريف پڙھايو ويندو آهي. دعوتِ اسلامي تحت هلندڙ جامعات المدينه ۾ به الحمد لله! بُخَاري شريف باقاعِده نصاب ۾ شامِل آهي۔
ماڻهو دُنياوي عِلم ته پڙهن ٿا ، فيس بُڪ تي کوڙ ساريون پوسٽون ، هيڏانهن هوڏانهن جون سچيون ڪوڙيون ڪهاڻيون ، ناوِل ، ڊائجسٽ وغيره ته پڙھندا رهن ٿا ، پر اَفسَوس پياري آقا ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون حديثون پڙهڻ جو شوق تمام گھٽ ماڻهن کي نصيب ٿيندو آهي ، بُخَاري شريف ته هونئن هڪ مشڪل ڪتاب آهي ، جيڪڏهن پڙھڻو هجي ، بلڪه لازمي پڙھيو وڃي پر ڪنهن ماهر عاشِقِ رَسُول عالِمِ دِين کان پڙهڻ گھرجي ، لهٰذا بُخَارِي شريف ۽ حديثِ پاڪ جا ٻيا اهم ڪتاب ، عِلۡمِ فقه ، عِلۡمِ تفسير ۽ ٻين ڪيئي اسلامي عُلُوم وفنون پڙھڻ ، سکڻ جي لاءِ جامعة المدينه ۾ داخِلا وٺڻ گھرجي ، هاڻي ته الحمد لله! H.E.C دعوتِ اسلامي کي پنهنجو تعليمي بورڊ بنائڻ جي به اجازت ڏئي ڇڏي آهي ۽ گڏوگڏ اهو به ته هاڻي جيڪي به دعوتِ اسلامي جي جامعة