$header_html

Book Name:Imam Bukhari Ki Khas Teen Aadatain

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت ، شهنشاھ نبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو : مَن اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدۡ اَحَبَّنِي وَمَنۡ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الۡجنَّة جنهن منهنجي سُنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي هو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔ (مشکوٰۃ ، ایمان کی کتاب ، کتاب وسُنت کو مضبوط تھامنے کا باب ، جلد : 1 ، صفحہ : 55 ، حدیث : 175)

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!        جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

سچ ڳالهائڻ سُنَّتِ مصطفيٰ آهي

ٻه ۲ فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ : (1) : سچ ڳالهائڻ نيڪي آهي ۽ نيڪي جنت ۾ وٺي ويندي آهي ، (مسلم ، کتاب : الادب ، صفحہ : 1405 ، حدیث : 2607) (2) : رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان سُوال ٿيو : جنتي عمل ڪهڙو آهي؟ فرمايائون : سچ ڳالهائڻ۔ (امام احمد بن حنبل ، جلد : 2 ، صفحہ : 589 ، حدیث : 6652)

اي عاشقانِ رسول! سچ ڳالهائڻ سُنّتِ مصطفيٰ آهي * اسان جا پيارا آقا ، مديني وارا مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هميشه سچ ڳالهائيندا هئا ، انهيء ڪري ماڻهو پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي صادق وامين جي لقب سان ياد ڪندا هئا * حضرت عبد الله بن سلام اڃا ايمان نه آندو هو جو حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڏسندي ئي پڪاريائونوجھه ليس بوجه کذاب “ يعني هيءُ چهرو دروغ گو (يعني ڪوڙ ڳالهائڻ واري) جو چهرو ناهي۔

الله پاڪ پياري حبيب ، دِلين جي طبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صدقي ۾ اسان سڀني کي هميشه سچ ڳالهائڻ وارو ۽ ڪوڙ کان هميشه بچڻ وارو بڻائي۔  آمين بجاه النبي الامين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد


 



$footer_html