Imam Bukhari Ki Khas Teen Aadatain

Book Name:Imam Bukhari Ki Khas Teen Aadatain

پيارا اسلامي ڀائرو! هن حڪايت مان هڪ ٻيو مدني گل به حاصِل ٿيو ، اهو هي ته غور فرمايو! امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو خوش ٿيڻ جو مِعيار ۽ خوشي ملهائڻ جو انداز ڪيترو زَبَردست هو ، ڏسو! اسان ڇا تي خوش ٿيندا آهيون؟ * اسان جي لاٽري کلي ته خوشي ٿيندي آهي ، * نوڪري ملي ته اسان کي خوشي ٿيندي آهي ، * امتحان ۾ ڪاميابي ملي ، * ڪا خواهش پُوري ٿي وغيره وغيره اهڙين شين تي اسان عام طور تي گھڻو خوش ٿيندا آهيون ۽ خوش ٿيڻ به گھرجي جو اهي به الله پاڪ جون نعمتون ئي آهن پر ڏسو! امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪهڙي ڳالھ تي خوش ٿيا؟ نهر جي پُل جو هڪ ڪِل جيڪو بي خبري ۾ ٽٽي پيو هو ، ان ڪل ٽُٽڻ جو حق مُعَاف ٿي ويو ، هاڻي قيامت جي ڏينهن ان حق تلفي جو مُطَالبو نه ٿيندو ، امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان نعمت تي خوش ٿيا۔ سُبۡحٰنَ الله! هن مان خبر پئي ته بزرگ سڳورا هميشه آخرت کي پيشِ نظر رکندا هئا۔ وري ڏسو امام بُخَارِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو خوشي ملهائڻ جو انداز ڪهڙو نه نرالو هو ، جڏهن پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهکي خوشي مِلي ته پاڻ صدقو ڪيائون ، شاگردن کي 500 حديثون ٻڌايائون ، اهو آهي اسان جي بزرگانِ دين جي خوشي ملهائڻ جو انداز...!! هاڻي اسان پنهنجي باري ۾ غور ڪريون ته اسان خوشي ڪيئن ملهايون ٿا؟ مَعَاذَ الله! ماڻهن جو هڪ تعداد آهي جيڪو گُنَاهن ڀري انداز ۾ خوشيون ملهائي ٿو ، * خوشي جي موقعي تي ڳائڻ وڄائڻ ٿيندو آهي ، * خوشي جي موقعي تي دُهل ڌماڪو ٿيندو آهي ، * خوشي جي موقعي تي بي پردگي ٿيندي آهي وغيره۔ جڏهن ته خوشي ملڻ الله پاڪ جي نعمت آهي ۽ نعمت ملڻ تي الله پاڪ جو شڪر ادا ڪيو ويندو آهي ، نه وري اهو ته ان جي نافرماني ڪئي وڃي۔ الله پاڪ قرآنِ مجيد ۾ ارشاد فرمائي ٿو :

قُلْ بِفَضْلِ اللّٰهِ وَ بِرَحْمَتِهٖ فَبِذٰلِكَ فَلْیَفْرَحُوْاؕ-  (پ 11 يونس 58)             

ترجمو ڪنزالايمان : تون فرماءِ الله جي فضل ۽ سندس رحمت تي جڳائي ته خوشي ڪن ،

تفسير صراط الجنان ، جلد : 7 ، صفحي : 320 تي آهي : * وڏائي ڪندي خوشي ڪرڻ حرام آهي پر شڪر جي خوشي عبادت آهي۔ * جُرۡم ڪري خوش ٿيڻ