Imam Bukhari Ki Khas Teen Aadatain

Book Name:Imam Bukhari Ki Khas Teen Aadatain

ٿئي۔ (بہارِ شریعت ، جلد : 3 ، صفحہ : 1)

امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه وٽ به مال ته هو پر پاڻ عِلۡمِ دين سکڻ سيکارڻ ۾ مَصۡرُوف رهندا هئا ، واپار ۾ وقت لڳائڻ ڏکيو هو ، ان ڪري پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه مُضَاربت جو رستو اختيار ڪيائون ، ان ذريعي پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي ماهوار 500 درهم جي آمدني ٿيندي هئي ۽ اهي 500 جا 500 درهم عِلۡمِ دين جي طلب ۾ خرچ ڪري ڇڏيندا هئا۔ (ہدایۃُ السَّارِی ، صفحہ : 65)

سُبۡحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو! امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي عِلمِ دين سکڻ ، سيکارڻ جو ڪيترو شوق هو ، پاڻ پنهنجي ماهوار آمدني هن راھ ۾ خرچ ڪندا هئا۔ هاڻي اسان ٿورو پنهنجي باري ۾ غور ڪريون! اسان پنهنجو مال ڪٿي ڪٿي خرچ ڪيون ٿا؟ سوشل ميڊيا تي؟ مهانگي کان مهانگو موبائل خريدڻ لاءِ؟ سٺو جوتو ، اعليٰ ڪپڙا ، بهترين گھر ، گاڏي ، مهانگن مهانگن هوٽلن تي کاڌو وغيره وغيره ، اسان انهن شين تي خرچ ڪندا آهيون۔ افسوس! ديني عِلم جي لاءِ مال خرچ ڪرڻ جو جذبو هاڻي ته تمام گھٽجي ويو آهي۔ تمام گھٽ ماڻهو آهن جيڪي ڪتاب خريد ڪن ٿا ، اسان جا بزرگ سڳورا ديني ڪتاب خريد ڪندا هئا ، انهن کي پڙهندا هئا ، عِلم سکندا هئا ، علّامه ابن جوزي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا : هڪ ڀيري هڪ بزرگ بازار ويا ، اتي هڪ ڪتاب ڏٺائون جنهن جي قيمت 500 دينار (يعني سون جا سِڪا) هئي ، اُن بزرگ اُوڌر ۾ اهو ڪتاب خريد ڪيو ۽ 3 ڏينهن جي اندر رقم ادا ڪرڻ جو واعدو ڪيو ، پوءِ واپس اچي پنهنجو گھر وڪڻي ان ڪتاب جي قيمت ادا ڪئي۔ (عشاق الکتب ، صفحہ : 61)

ڪيترو عظيم جذبو هو! مَاشَآءَ الله! هاڻي ته ڪتاب خريدڻ ، پڙھڻ جو رجحان نه هئڻ جي برابر رهجي ويو آهي ، عِلۡمِ دين جي لاءِ مال خرچ ڪرڻ عام طور تي گھڻو ڏکيو لڳندو آهي۔ الله پاڪ اسان کي ديني عِلم جو شوق عطا فرمائي۔  اٰمِين بِجَاه النَّبِي الاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ