Imam Bukhari Ki Khas Teen Aadatain

Book Name:Imam Bukhari Ki Khas Teen Aadatain

ڪيتري درجي جا ايماندار هئا؛ پاڻ وٽ ڪجھ واپاري آيا ، انهن سامان جو ريٽ لڳايو ، هليا ويا ، واپارين جو ٻيو گروھ آيو ، انهن پهريان وارن کان وڌيڪ ريٽ لڳايو ان جي باوُجُود پاڻ پهريان اچڻ وارن واپارين کي گھٽ قيمت تي سامان وڪرو ڪيو ، ڇو؟ ان ڪري جو پاڻ پهريان ايندڙ واپارين وٽ گھٽ منافعي تي سامان وڪڻڻ جي نيت ڪري چڪا هئا ، ان نيت تي عمل ڪرڻ توڙي جوسندن تي لازِم نه هو ، پاڻ جيڪڏهن وڌيڪ منافعو وٺي به سامان وڪڻن ها ته اهو به بلڪل جائز هو پر امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي اعليٰ اخلاق ۽ ڪردار تي قربان! جو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي ئي ڪيل نيت جي خِلاف وڃڻ پسند نه ڪيائون ۽ پُوري ايمانداري سان پنهنجي نيت تي عمل ڪندي پنهنجو سامان گھٽ منافعي ۾ وڪڻي ڇڏيو۔ شايد امام بخاري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي انهيء ايمانداري واري ، قناعت واري ۽ لالچ کان پاڪ واپار ئي جي برڪت سبب پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي مال ۾ برڪت هئي ، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ماهوار آمدني صرف 500 درهم هئي ۽ انهيء ۾ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو تمام سٺو گذارو ٿي رهيو هو ، جڏهن ته اڄڪلھ ماهوار لکين روپيا ڪمائڻ وارن جا به خرچ پُورا نٿا ٿين ، بيشڪ خرچ پُورا نه ٿيڻ جا ٻيا کوڙ سارا سبب ٿي سگھن ٿا ، مال ۾ بي برڪتي جا به ٻيا سبب آهن ، پر انهن سببن مان هڪ سبب ايمانداري جو نه هئڻ به آهي۔

حضرت عُرۡوَه بِن زُبير رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي ، سرڪارِ عالي وقار ، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو : بيشڪ هي مال سبز ۽ مٺو (يعني خوش نما ۽ خوش ذائقه) آهي ، جيڪو دِل ۾ سخاوت رکي مال حاصِل ڪندو ، ان جي لاءِ مال ۾ برڪت رکي ويندي ۽ جيڪو دِل ۾ لالچ رکي مال حاصِل ڪندو ، ان جي لاءِ مال ۾ برڪت نه هوندي ، هي ان شخص جيان آهي جيڪو کائيندو رهي ، پر ان جو پيٽ نه ڀرجي۔ (بخاری ، کتاب : الوصایا ، صفحہ : 714 ، حدیث : 2750)

خبر پئي واپار ۾ ، ڪاروبار ۾ ، حرص ۽ هوس سان ، لالچ سان ڪم وٺڻ بي برڪتي جو سبب آهي ۽ جيڪو شخص حِرص کان پاڪ ٿي ، ايمانداري سان واپار ڪري ، محنت مزدوري ڪندو الله پاڪ اُن جي ٿوري مال ۾ به برڪت عطا