Book Name:Aashiqon ka Safr e Madina

"بهارِ شريعت" جي روشني ۾ سَفَرِ مدينه ۽ رَوضَهء اَقْدَس جي حاضِري جا ڪجھ آداب ٻُڌون ٿا. جيئن ته،

حاضري بارگاھ جي آداب

صَدرُالشَّريعه، بَدْرُالطَّريقه حضرت علّامہ مَولانا مفتي محمد امجد علي اَعْظَمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه رَوضَهء رسول جي حاضِري جي آداب بيان ڪندي فرمائن ٿا: *حاضِري ۾ خالص زِيارتِ اَقدَس جي نِيّت ڪريو* حج جيڪڏهن فرض ہجي ته حج ڪري مدينهء طَيبَه حاضِر ٿيو۔ ہا! جيڪڏهن مدينهء طَيبَه رستي ۾ ہجي ته بغير زِيارت حج تي وڃڻ سَخت مَحرومي و قَساوتِ قلبي (دل جي سختي) آهي ۽ اِن حاضِري کي قَبولِ حج و سَعادتِ دِيني ۽ دُنيوِي جي لاءِ ذريعو ۽ وسيلو قرار ڏي ۽ جيڪڏهن حج نَفل ہجي ته اِختِيار آہي ته پہرين حج کان پاڪ صاف ٿي ڪري مَحبوب جي درٻار ۾ حاضِر ٿئي يا سرڪار(يعني بارگاھِ مَحبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) ۾ پہرين حاضِري ڏئي ڪري (اُن حاضِري کي) حج جي مقبولِيت و نُورانيت جي لاءِ وسيلو ڪري * پوري رستي دُرود ۽ ذِڪر شريف ۾ مگن رهي ۽ جيتري قدَر مدينهء طَيبَہ قريب ايندو وڃي، شَوق ۽ ذَوق وڌندو وڃي* جڏهن حَرَمِ مدينه اچي ته بہتر هي آهي ته پنڌ ڪريو، روئندي، مٿو جُھڪائي، اکيون جهڪائي ڪري، دُرود شريف جي اڃا ڪثرت ڪريو ۽ ٿي سگھي ته پيرن اُگھاڙي هلو،

حَرَم کی زمین اور قدَم رکھ کے چلنا

 

ارے سَر کا مَوقَع ہے او جانے والے!

* جڏهن قُبّهء اَنوَر(يعني نُوراني گُنبذ) تي نِگاھ پوي، دُرود و سلام جي خُوب ڪثرت ڪريو* مسجد جي حاضري کان پہرين (اُن) سڀني ضَرورِيات کان جيڪي توجه هٽڻ جو سبب هجن، ان کان جلدي فارغ