Book Name:Aashiqon ka Safr e Madina

ٿئي، ان کان سِواءِ ڪنهن بيڪار ڳالھ ۾ مَشغُول نه ٿئي فوراً وُضُو ۽ مِسْواڪ ڪري ۽ غُسل بہتر، سفيد پاڪيزہ ڪپڙا پائي ۽ نوان هجن ته بہتر، سُرمو ۽ خُوشْبُو لڳائي ۽ مُشڪ اَفضَل* هاڻي فوراً آستانَهء اَقْدَس جي طرف نہايت خُشُوع و خُضُو ع سان مُتَوجّه ٿئي، روئڻ نه اچي ته روئڻ جهڙي صورت بڻائي ۽ دل کي ڪوشش ڪري روئڻ تي آڻي ۽ پنهنجي سنگ دِلي سان رسولُ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي طرف اِلتجا ڪري* جڏهن مسجد جي در تي حاضر ٿئي، صلوٰة وسلام عرض ڪري ائين ٿورو بيهي جيئن سرڪار کان حاضري جي اِجازت گھُري ٿو، (پوءِ) بِسمِ الله چئي ڪري ساڄو پير پہرين رکي ڪري مڪمل بااَدَب ٿي ڪري داخِل ٿئي* اُن وقت جيڪو اَدَب ۽ تَعْظِيم فرض آهي ہر مسلمان جو دل ڄاڻي ٿو ته اکيون، نڪ، ڪن، زبان، ہٿ، پير ۽ دل سڀ غير جي خيال کان پاڪ ڪريو، مسجدِ اَقْدَس جي نَقْش و نِگار نه ڏسو * جيڪڏهن ڪو اهڙو سامهون اچي وڃي جنهن سان سلام ڪلام ضرور ہجي ته تو جيستائين ٿي سگھي ڪترائي، نه ته ضرورت کان وڌيڪ نه وڌو پوءِ به دل سرڪار (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جي ئي طرف ہجي، * ہرگز ہرگز مسجدِ اَقدَس ۾ ڪو لفظ وڏي آواز سان نه نڪري* يقين ڄاڻو ته حُضُورِ اَقْدَس صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سچّي حقيقي دُنياوي جسماني حيات سان ايئن ئي زندھ آهن جيئن وفات شريف کان پہرين هئا، انهن جي ۽ سڀني انبياء عَـلَيْـھمُ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي مَوت صِرف وعدہء خُدا جي تَصْدِيق هڪ گھڙي جي لاءِ هئي۔([1]) * هاڻي اَدب ۽ شوق ۾ گردن جھُڪائي اکيون جھُڪائي ڪري، لڙڪ وهائيندي ڏَڪندي ڪَنبدي، گُناہن تي نَدامت کان پاڻي پاڻي ٿيندي، سرڪارِ

 



[1]بہارِ شریعت،حصہ۶،۱/۱۲۲۲تا ۱۲۲۳ ملتقطاً