Book Name:Aashiqon ka Safr e Madina

جي خِلاف آہي)۔ ([1])

ڪتاب”عاشقانِ رسول جون 130 حڪايتون “ جو تعارف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي سفرِمدينه ۽ حاضري مدينه جي مُتَعَلّق مزيد دلچسپ حِڪايتون ۽ مڪي ۽ مديني جي باري ۾ حيرت انگيز واقعن جي معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ ۽ پنهنجي دل ۾ مديني جي حاضري جي سچّي تڙپ پيدا ڪرڻ جي لاءِ شيخِ طريقت، اَمِيرِاَہلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرتِ علّامہ مَولانا ابوبلال محمد الياس عطّار قادِري رَضَوِي ضِيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي مُرتَّب ڪيل ڪتاب بنام ”عاشقانِ رسول جون 130 حڪايتون ۽ مڪي مديني جون زِيارَتون“ جو مُطالعو نہايت مُفِيد آہي۔ پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جن ان ڪتاب ۾ زائرينِ مدينه جون 51، مشہور عاشقِ رسول بُزرگ حضرتِ سَيدُنا امام مالڪ جي 12، حاجين جون 42، صالحن جون 6، عُلماءِ اہلسنّت جون 17، جِنّات جون ۽حَيوانات جون 9 حِڪمت سان ڀرپُور حِڪايتون تحرير فرمايون آهن گڏوگڏ اِن کان علاوہ به اِن ۾ وڏي مَعلُومات فَراہَم ڪئي وئي آهي۔ توهان سڀني اسلامي ڀائرن کي مدني اِلتِجا آہي ته اِن ڪتاب کي مڪتبة المدينه کان ھَديةً طَلَب فرمائي ڪري نه صرف خُود اِن جو مُطالعو ڪريو بلڪه حسبِ اِستِطاعت (وس آهر) تعداد ۾ حاصل فرمائي ڪري سفرِ مدينه جي سعادت حاصل ڪرڻ وارن خُوش نصيبن ۾ ثواب جي نِيت سي مُفت تقسيم به فرمايو۔ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net کان ان ڪتاب کي ريڊ (يعني پڙھي) به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ (Download)۽ پرنٽ آؤٽ(Print Out) به ڪري سگھجي ٿو۔

 



[1] بہار شریعت،حصہ ۶،۱/۱۲۲۵تا ۱۲۲۸ملتقطاً بتغیر قلیل