Book Name:Aashiqon ka Safr e Madina

مُبارَڪه هوندي هئي ته جڏهن نمازِ فَجر جي لاءِ پنهنجي گھر کان تشريف وٺي ويندا هئا ته رستي ۾ ماڻهن کي نماز جي لاءِ جڳائيندي ايندا هئا گڏوگڏ اذانِ فَجر جي فوراً بعد جيڪڏهن مسجد ۾ ڪو سُتل هوندو هو ته اُن کي به جڳائيندا هئا۔([1])

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُلِلّٰہ عَزَّوَجَلَّ اَمِيرِ اہلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جن پنهنجي مُريدِن و مُتَعَلِّقِين ومُحِـبِّين ۽ تمام دعوتِ اسلامي وارن کي مدني اِنعامات مان هڪ مدني اِنعام صداءِ مدينه لڳائن جو به عطا فرمايو آہي، بِي شڪ روزاني سَوين اسلامي ڀائر فَجر جي وَقت مُسلمانن کي نمازِ فَجر جي لاءِ جَڳائيندا ۽ اَداءِ فاروقي تي عمل ڪندي نيڪين جو ذخيرو جمع ڪندا آهن۔ اچو ته انهي متعلق هڪ مدني بہار ٻُڌون ٿا:

جُواري مزدور تائب ٿي ويو

مہاراشٽر (ہند) جي اسلامي ڀائر جي بيان جو لُبِّ لُباب آہي: دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول کان وابستگي کان اڳ آئون مَرَضِ عِصْيان (يعني گُناہن جي بيماري) ۾ اِنتہاء درجي تائين مبُتلا ٿي چُڪو هئس۔ پوري ڏينهن مَزدوري ڪرڻ کان بعد جيڪا رَقَم حاصل ٿيندي، رات جو اُنهي کي مَعَاذَ اللہ عَزَّوَجَلَّ شراب خريد ڪري خُوب عَياشي ڪندو، شور شرابو ڪندو، گاريون تائين بَڪندو هئس ۽ والدين و پاڙي وارن کي گهڻو تنگ ڪندو هئس، اِن کان عِلاوہ آئون وڏي درجي جو جُواري ۽ بي نمازي به هئس۔ اِنهي غفلت ۾ منهنجي زندگي جا قيمتي ڏينهن ضائع ٿيندا رهيا آخرڪار منهنجي قسمت جو



[1] طبقات کبری ،ذکر استخلاف عمر،۳/۲۶۳