Book Name:Aashiqon ka Safr e Madina

سِتارو چمڪيو۔ ٿيو ايئن ته خُوش قسمتي سان منهنجي مُلاقات دعوتِ اسلامي جي هڪ ذِمَّہ دار اسلامي ڀائر سان ٿي۔ انهن اِنفرادي ڪوشش ڪندي مونکي مدني قافلي ۾ سَفَر ڪرڻ جي ترغيب دڏياري۔ مون کان اِنڪار نه ٿي سگھيو ۽ آئون ہٿو هٿ 3 ڏينهن جي مدني قافلي جو مسافِر بڻجي ويس۔ مدني قافلي ۾ عاشِقانِ رسول جي صحبت ملي ۽ باني دعوتِ اسلامي، شيخِ طريقت، اَمِيرِ اہلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي رسالا به ٻُڌڻ لاءِ مليا۔ جنهن جي برڪت سان مون جهڙي پڪي بي نمازي، شرابي ۽ جُواري تائِب ٿي ڪري نہ صرف نماز پڙھڻ بڻجي ويو بلڪه صداءِ مدينه لڳائن وارو ۽ ٻين کي مدني قافلن جو مسافِر بنائن وارو بڻجي ويو۔ اَلْحَمْدُلِلّٰہ عَزَّوَجَلَّ منهنجي اِنفرادي ڪوشش سان هاڻي تائين 30 اسلامي ڀائر مدني قافلن جي مسافِر بڻجي چڪا آهن۔ تحرير لکڻ وقت آئون هڪ مسجد ۾ مؤذِّن آهيان ۽ خُوب مدني ڪمن جي ڌُوم مچائي رهيو آهيان۔

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدارِ رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.(ابن عساڪر ج 9 ص 343)

سینہ تری سنّت کا مدینہ بنے آقا
جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد