Book Name:Aashiqon ka Safr e Madina

صحابي رسول جو عقيدو

مَروَان پنهنجي زمانهء تَسَلُّط (زمانهء حڪومت) ۾ هڪ ڏينهن ڪيڏانهن وڃي رهيو هو ته اُن ڪنهن شَخص کي ڏٺو ته اہو حُضور سَيدُ المُرسَلِين، رَحمَة لِّلعَالَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي قَبر ِاَنور تي پنهنجو چهرو رکي ويٺو هو۔ مَروَان چيو: ڇا توکي معلوم آهي ته تون ڇا ڪري رهيو آهين؟ جڏهن اُہي مَروَان جي طرف مُتَوَجّھ ٿيا ته معلوم ٿيو ته اهي حضرتِ سَيدُنا ابُو اَيُوب اَنصَاري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ آهن،اُنہن فرمايو: ہا، آئون ڪنهن پٿر جي وٽ نه آيو آهيان، آئون ته رسولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي حُضُور حاضِر ٿيو آهيان مون رسولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان ٻڌو آهي ته دِين تي اُن وقت لڙڪ نه وهائجان جڏهن اُن جي ذِمَّہ داري لائِق ۽ اَہل وٽ هجي، دِين تي اُن وقت لڙڪ وهائجان جڏهن اُن جي ذِمَّه داري نالائق ۽ نااَہل وٽ ہجي۔([1])

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اِن واقعي مان معلوم ٿيو ته صَحابہء ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان بي پناھ مَحَبَّت ڪندا هئا ۽ اُنهن جو هي عقيدو هو ته نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي قَبرِ اَنور ۾ زِندھ آهن، اهو ئي سبب آهي ته حضرت سَيدُنا ابُو ايوب اَنصاري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن مَروَان کي بلڪل سڌو جواب ڏنو ته آئون ڪنهن پٿر وٽ نه آيو آهيان جيڪو بي جان ہوندو آهي نه ٻُڌي سگھندو آهي نه ڳالهائي سگهندو آهي بلڪه آئون ته اللہ عَزَّوَجَلَّ جي حبيب، حبيبِ لَبِيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وٽ حاضِر ٿيو آهيان جيڪي اڄ به پنهنجي قَبرِ اَنور ۾ حَياتِ باڪمال سان گڏ مُتَّصِف آهن، تنهنڪري اسان کي به



[1] مسند احمد،حدیث ابی ایوب الانصاری،۹/۱۴۸،حدیث:۲۳۶۴۶