Book Name:Aashiqon ka Safr e Madina

دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي سفرِ مدينه جي پُر ڪيف ۽ نِرالي انداز جي باري ۾ ٻڌون ٿا ڇو جو بِي شڪ پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه به عشقِ رسول جي اهڙي دَرَجي تي فائز آهن جو جنهن جي سبب پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جو شُمار به عاشقانِ رسول جي صَفِ اَوّل ۾ ٿئي ٿو، اَمِيرِ اَہلسنّت جي سفرِ مدينه جا اَحوال ٻُڌي ڪري يقينًا اسان کي گھڻو ڪجھ سکڻ جي لاءِ ملندو.

اَمِيرِ اَهلسُنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جو سفرِ مدينه

شيخِ طريقت، اَمِيرِ اَہلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علّامہ مولانا ابوبلال محمد الياس عطّار قادِري رَضَوِي ضِيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه کي ڪيئي ڀيرا سَفَرِ حج ۽ سَفَرِ مدينه جي سعادت حاصِل ٿي، جن ۾ مجموعي طور تي جيڪا ڪيفيت رہي اُن کي ڪمَا حَـقُّہٗ ته بَيان نه ٿو ڪري سگھجي البَت سندن جي هڪ سَفَرِ مدينه جي مُختَصَر اَحوال ٻڌون ٿا جيئن ته جڏهن مدينهء پاڪ زَادَھَا الـلّٰـهُ شَرَفًاوَّتَعۡظِیۡمًا جي طرف سندن جي روانگي جي مبارَڪ گهڙي آئي ته ايئرپورٽ تي عاشقانِ رسول جو هڪ جَمِّ غَفِير (تمام وڏو ہُجوم) اوهان کي اَلوَداع ڪرڻ جي لاءِ مَوجود هو، مديني جي ديوانن اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه کي جُھرمَٽ (حلقي) ۾ وٺي ڪري نعتون پڙھڻ شروع ڪري ڇڏيون۔ سوز ۽ گُداز سان ڀرپور نعتن سان عاشقن جي عشق جي باھ کي مزيد ڀڙڪائي ڇڏيو۔ غمِ مدينه ۾ اُٿڻ وارين آہُن ۽ سُڏڪن سان فَضا مزيد سوڳوار ٿي رهي هئي، خود عاشقِ مدينه، اَمِيرِ اَہلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي ڪيفيت وڏي عجيب هئي۔ پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي اکين کان لڙڪن جي قطار لڳل هئي ۽ پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه پنهنجي اِن اَشعار جا مِصداق نَظَر اچي رهيا هئا.

آنسوؤں کی لَڑی بن رہی ہو

 

اور آہوں سے پَھٹتا ہو سینہ

وِردِ لَب ہو مدینہ مدینہ

 

جب چَلے سُوئے طیبہ سفینہ