Book Name:Aashiqon ka Safr e Madina

 

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو توهان ته اسان جي بُزُرگانِ دِين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهِم اَجۡمعِیۡن جو ڪهڙو مَدَني ذِہن هوندو هو ته مدينهء مُنَوَّرَہ زَادَھَا الـلّٰـهُ شَرَفًاوَّتَعۡظِیۡمًا ۾ پيش اچڻ وارين تڪليفن ۽ مصيبتن کي نه صِرف خوشي خوشي برداشت ڪندا هئا بلڪه ان کي پنهنجي لاءِ باعِثِ سَعادَت تصوُّر ڪندا هئا جيئن ته بَيان ڪيل واقعي مان صاف ظاہر آہي ته مفتي صاحِب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ڪرائي جي هڏي ٽٽي وئي پر اوهان جي صَبر و اِستِقلال ۽ سعادت مَندي جو هي حال هو ته روئڻ پٽڻ ۽ واويلا ڪرڻ جي بجائي اُن جي سبب ٿيڻ واري سُور کي پنهنجي لاءِ تَمغو (اِنعامي عَلامت) سمجھندي قَبول ڪري ورتو جو هي ته منهنجي لاءِ نبي جي وطن جي هڪ بهترين سوغات آهي۔ بَہرحال هي اُنہي مُبارَڪ ہستين جي خصوصيت هئي جو انهن کي راھِ مدينه جو ڪنڊو به گُل مَحسوس ٿيندو هو، اي ڪاش! اسان کي به اِن بُزرگن جو صَدَقو نصيب ٿي وڃي ۽ اي ڪاش! اسان کي به جڏهن مديني جو ارادو ڪريون ته سفرِ مدينه جون خُوب خُوب بَرَڪتون حاصل ڪريون ۽ اِنهي دَوران مدينهء مُنَوَّرَہ زَادَھَا الـلّٰـهُ شَرَفًاوَّتَعۡظِیۡمًا ۽ مَڪينِ گُنبدِ خضراء صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مَحَبَّت ۾ اِيتري قدَر فَنا ٿي وڃون جو اِن راھ ۾ اچڻ وارين مَصيبتون ۽ تڪليفون اسان جي لاءِ نہ صِرف رَاحت ۽ اِطمينان جو ذريعو ٿين بلڪه غمِ دنيا ۽ غمِ مال کان نَجات ۽ اسان جي گُناہن جي بخشش جو سبب بڻجي وڃن. اٰمِين بِجَاهِ النّبيِّ الاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

اچو ته! هاڻي شيخِ طريقت، اَمِيرِ اَہلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علّامہ مولانا ابوبلال محمد الياس عطّار قادِري رَضَوِي ضِيائي