Book Name:Aashiqon ka Safr e Madina
اَلۡـحَـمۡـدُ لِـلّٰـہِ رَبِّ الۡـعٰـلَـمِیۡنَ وَ الـصَّـلٰـوۃُ وَ الـسَّـلَامُ عَـلٰی سَـیِّـدِ الۡـمُـرۡ سَـلِـیۡنَ
اَمَّـا بَــعۡـدُ فَـاَعُـوۡذُ بِـا لـلّٰـہِ مِـنَ الـشَّـیۡـطٰنِ الـرَّجِیۡمِؕ بِـسۡمِ الـلّٰـہِ الـرَّحۡـمٰنِ الـرَّحِـیۡمِؕ
عاشقن جو سفرِ مدينه!
|
وَعَلٰى اٰلِكَ
وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه |
|
اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه |
|
وَعَلٰى اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ
يَا نُوۡرَ اللّٰه |
اَلصَّلٰوةُ
وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه |
نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ
(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)
جڏهن به مسجد ۾ داخل ٿيو، ياد اچڻ تي نفلي اعتڪاف جي نيّت ڪري وٺندا ڪيو، جيستائين مسجد ۾ رهندؤ نفلي اعتڪاف جو ثواب حاصل ٿيندو رهندو ۽ ضمنًا مسجد ۾ کائڻ پيئڻ به جائز ٿي ويندو۔
دُرودِ پاڪ جي فضيلت
رَسُولِ اَڪۡرم، نُورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: جُمعي جي ڏينهن مون تي درودِ پاڪ جي ڪثرت ڪندا ڪريو ڇو جو اهو حاضري جو ڏينهن آهي جو ان ۾ فرشتا حاضر ٿيندا آهن ۽ جيڪو شخص به مون تي دُرود پڙهندو آهي ان جو دُرود منهنجي بارگاھ ۾ پيش ڪيو ويندو آهي. راوي فرمائن ٿا ته مون عرض ڪيو: ڇا وصالِ ظاهري کان بعد به؟ پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: ها! بي شڪ الله عَزَّوَجَلَّ زمين تي انبياء (عَـلَيْـھمُ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام) جي جسمن کي کائڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي، الله عَزَّوَجَلَّ جا نبي زنده آهن، انهن کي روزي ڏني ويندي آهي. (ابنِ ماجہ، کتاب ماجاء في الجنائز، باب ذکر وفاتہ و دفنہ ، ۲/۲۹۱،حديث: ۱۶۳۷)