Book Name:Aashiqon ka Safr e Madina

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

بيان جوخلاصو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان عاشقانِ رسول جي سَفَرِمدينہ جي مُتَعَلِّق دِل خوش ڪندر ۽ دِلرُبا واقعا ٻُڌاسين، اِن واقعن مان جتي هي مَعلُوم ٿيو ته اسان جا بزرگ دَرِ مَحْبُوب جي حاضري جي لاءِ بي چين رهندا هئا، اُتي هي به مَعْلُوم ٿيوته سبز گُنبد ۽ روضهء اقدس جي زيارت انهن کي پنهنجي زندگي کان به وڌيڪ عزيز هئي، اسان جا اڪابر ۽ بُزرگانِ دين کي جڏهن به مديني شريف جي حاضري نصيب ٿيندي هئي ته اهي حضرات، بارگاھِ عالي جو اهڙو اِحتِرام بجا آڻيندا هئا جو جنهن کي ٻُڌي ڪري عقل دَنگ ٿي ويندا آهن، جيڪڏهن اِن مُبارڪ سَفَر ۾ ڪا تڪليف پيش ايندي هئي ته اُن کي پنهنجي لاءِ باعثِ سعادت سمجھي ڪري برداشت ڪندا هئا بلڪه اُن دَر کان ملڻ واري دَرد جي دَوا ڪرڻ جي بجائي اُنکي محبوب جي طرف کان مِلڻ وارو عظيم تحفو سمجھندي، محبوب جي بارگاھ بلڪه گلين گھٽين کان نسبت رکڻ وارين مَعمُولي شيء کي به نہايت عزّت ۽ مقام ڏيندا هئا، جيڪڏهن پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي طرف کان سڏ ۾ تاخير ٿيندي هئي ته رُوحاني طور تي دَرِ اَقْدَس کي چُمي ايندا هئا ۽ جڏهن حاضري نصيب ٿيندي هئي ته ڳوڙها ڳاريندڙ اکين سان سَفَرِ مدينه جي سعادت حاصل ڪندا هئا، گڏوگڏ اُن پاڪ سر زمين تي پہچي ڪري اَدَب جي سبب سُواري تي سُوار ٿيڻ بلڪه چَپّل يا جُوتا پائڻ کان به گُريز ڪندا هئا۔ يقينًا اِن واقعن ۾ اسان سڀني جي لاءِ ۽ بالخُصوص اُن خُوش نصيبن جي لاءِ بي شُمار مدني گُل آهن جنهن کي عنقريب پياري آقا، مڪي مدني مُصْطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي روضَهء