Book Name:Aashiqon ka Safr e Madina

تو هڪ ڀيرو وري اُن کان مُعافي جي درخواست ڪرڻ لڳا۔

وسوسو

ممڪن آهي ته ڪنهن جي ذِہن ۾ هي وَسوَسَو اچي ته ڪتّو ته بَظاہر هڪ معمولي جانور آہي، تنهنڪري اُن سان اُهڙي طرح جو سُلوڪ ڪرڻ ۽ اُن جي اڳيان عاجزي ڪندي مُعافي گھُرڻ هڪ ڪامِل ولي کي ۽ اهو به سفرِ مدينه جهڙي پاڪيزہ ۽ مُقدَّس لَمحن جي مَوقَعي تي ہرگز ہرگز زيب نه ٿو ڏئي۔

وسوسي جو جواب

ياد رکو! ڪتَّو جڏهن ته بَظاہر هڪ معمولي جانور آهي پر اُن کي يا ڪنهن به جانور کي بي سَبب مارڻ مَنع آہي جيئن ته دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبة المدينه جي مطبوعه 1197 صفحن تي مُشْتَمِل ڪتاب ”بهارِ شريعت“ جِلد 3صَفحي 660 تي آہي: ”بي سبب جانور کي نه ماري ۽ مٿي يا چہري تي ڪنهن به حالت ۾ ہرگز نه ماري ته هي بِالاِجماع ناجائز آہي۔“ باقي رهيو هڪ ڪامِل ولي جو هڪ ڪتّي سان چڱو سُلوڪ ڪرڻ، ته هتي هي ڳالھ ذِہن نَشِين رکڻ نِہايت ضروري آہي ته جڏهن ڪنهن معمولي شيء کي ڪنهن نبي، ولي يا ڪنهن مُقدَّس شيء جي صُحبت يا اُن سان نِسبت حاصِل ٿي ويندي آهي ته اُن صُحبت ۽ نِسبَت جي بَرَڪت سان اها معمولي شيء معمولي ناهي رہندي بلڪه غير معمولي، اَہَم ۽ اَنمول ٿي ويندي آهي جيئن ته قِطمِير جڏهن ته سگِ اَصحابِ ڪهف (يعني اَصحَابِ ڪَهف جو ڪتّو) هو پر اللہ وارن جي صُحبت ۽ نِسبت جي بَدولَت ، اَہمِيت حاصِل ڪري ويو گڏوگڏ اِن جي بِنا تي قرآنِ ڪريم ۾ اُن جو تَذڪرو به مَوجود آہي ۽