Book Name:Aashiqon ka Safr e Madina

وارا! لِله (يعني اللہ عَزَّوَجَلَّ جي واسِطي) منهنجي مُريد جي اِن لَغزِش (غَلَطي) کي مُعاف ڪري ڇڏ۔ پوءِ ڀُڳل گوشت اُن کي کارايو ۽ کير گهرائي پياريو، پوءِ اُن کي چيو: جماعت علي شاھ توکان مُعافي چاہيان ٿو، خُدارا! اِن کي مُعاف ڪري ڇڏجان۔([1])

صَـــلُّـــوْا عَـــلَـی الْــحَـــبِــيْــب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان مُلاحَظه فرمايو ته اسان جي بُزُرگانِ دِين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهِم اَجۡمعِیۡن مدينهء مُنَوَّرَہ زَادَھَا الـلّٰـهُ شَرَفًاوَّتَعۡظِیۡمًا جي جانورن سان به ڪيتري قدَر مَحَبَّت فرمائيندا هئا، اُنهن کي ہرگز هي گَوارا (منظور) نه ھو ته ڪو مَحبوب جي وطن جي ڪتّن سان به نامُناسِب سُلوڪ ڪري ۽ انهن کي اَذِيت پہچائي۔ اهو ئي سبب هو ته اَمِيرِ مِلّت پِير سيد جماعت علي شاھ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي جيئن ئي هي معلوم ٿيو ته منهنجي ڪنهن مُريد اِن مُقَدَّس شہر جي هڪ ڪتّي کي پٿر هنيو آہي ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو چين ۽ قَرار ويندو رهيو، بي قَراري جي عالَم ۾ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فوراً حُڪم صَادِر (جاري) فرمايو ته ڪنهن به صُورت ۾ اُن ڪتّي کي ڳولهي اچو ۽ مون وٽ آڻيو جيئن ته جڏهن اُن ڪُتّي کي آندو ويو ته ڏسڻ وارن ڏٺو ته زماني جي مشہورِ عاشقِ رسول، لکين مريدن جي پيشوا ۽ هڪ وليءِ ڪامِل جن گِريه و زاري ڪندي اُن ڪتّي کان نه صِرف پنهنجي مُريد جي لَغزِش(غَلَطي) جي مُعافي گھُري بلڪه بهترين غِذائن سان اُن جي خَير خواہي ۽ دِلجُوئي به فرمائي اڃان به جڏهن دل مُطمَئِن نه ٿيو



[1] سنّی علماء کی حکایات نمبر:۳۷، ص ۲۱۱ملخصاً