Book Name:Aashiqon ka Safr e Madina

ماريشس، امريڪه، اسپين، يونان، ہانگ ڪانگ، ساؤٿ ڪوريا، آفريقا جي شہر (ممباسا، تنزانيه، يوگنڊا)، اِنگلينڊ (جي شہر بريڊ فورڊ، برمنگھم)، بنگلاديش ۽ ہند ۾ به تعويذاتِ عطّاريه جي سَوين بستن جي ترڪيب آہي۔ مجلسِ مڪتوبات و تعويذاتِ عطّاريه سان وابسته اسلامي ڀائر ڏُکي اِنْسانِيت جي خالِصَةً غمخواري ڪندي دعوتِ اسلامي جي مدني پيغام کي عام ڪرڻ ۾ مَصْرُوف آهن۔ اي ڪاش ! اسان سڀني کي مدني ڪم ڪرڻ جو جذبو نصيب ٿي وڃي۔

اٰمِين بِجَاهِ النّبيِّ الاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں

 

اے دعوتِ اسلامی تیری دھوم مچی ہو

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

ٻارنهن مدني ڪمن ۾ حصّو وٺو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! گُناہن کان بچڻ، نيڪيون ڪرڻ، پنهنجي دل ۾ مڪي مديني جي تڙپ پيدا ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته رہندي عاشقانِ رسول جي مدني قافلن ۾ سَفَر کي پنهنجو مَعمُول بڻائي وٺو گڏوگڏ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ به اڳتي وڌي ڪري حِصّو وٺو۔ ذيلي حلقي جي 12مدني ڪمن ۾ هڪ مدني ڪم روزاني ’’صداءِ مدينه‘‘ لڳائڻ به آهي، دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ نمازِ فَجْر جي لاءِ مسلمانن کي جڳائڻ’’صداءِ مدينه‘‘ سڏيو ويندو آهي۔ نمازِ فَجْر جي لاءِ مُسلمانن کي جڳائڻ عظيم سعادت ۽ حضرتِ سَيدُنا فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي سُنّت آہي۔ مَنْقُول آہي ته اَمِيرُ المؤمنين حضرت سيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جيهي عادتِ