Book Name:Aashiqon ka Safr e Madina

جس در کا بنایا ہے گَدا مجھ کو الٰہی

 

اُس دَر پہ کبھی کاش! یہ منگتا نظر آئے

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

سُبْحٰنَ اللّٰہ عَزَّوَجَلَّ! مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته مَدِينَهء مُنَوَّرَہ (زَادَھَا الـلّٰـهُ شَرَفًاوَّتَعۡظِیۡمًا) جي حاضِري ڪيتري قدَر باعِثِ سعادت آهي ته اِن جي بَرَڪت سان گُناھ ڌوپجي ويندا آهن، حُضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شَفاعت نصيب ٿيندي آهي ۽ سڀ کان وڏي اها سعادت ته جنهن خُوش نصيب کي قَبرِ اَنور جي زِيارَت نصيب ٿي وڃي تو اهو اهڙو آهي جيئن ان کي خُود حُضورِ اَڪرم،نُورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زِيارَت نصيب ٿي وئي، بَہرحال اسان کي مديني جي ياد ۾ ہر وقت تڙپندي پنهنجي حاضِري جو مُنتَظِر رہڻ گھرجي ۽ صلوٰة و سلام جي ڪثرت ڪرڻ سان گڏوگڏ ہر سال حج جي پُر بَہار موسم ۾ عازِمِينِ حج و زائرينِ مدينه جي ذريعي خُصوصي طور تي پنهنجو سلام، بارگاھِ خَيرُ الاَنام صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۾ پہچائڻ گھرجي۔

سلام موڪلڻ واري کي سلام جو جواب

نبي اَڪرم، نُورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اِرشاد فرمايو: جيڪو مون کي سلام موڪليندو آهي ته اللہ عَزَّوَجَلَّ منهنجي رُوح کي مون ۾ موٽائي ڇڏيندو آهي ايستائين جو آئون اُن جي سلام جو جواب ڏيندو آهيان ۔([1])

 

 



[1] ابو داود،کتاب المناسک،باب زیارۃ القبور،۲/۳۱۵،حدیث:۲۰۴۱