Book Name:Aashiqon ka Safr e Madina

بيان ڪرڻ جون نِيّتون

مان به نيت ڪريان ٿو * الله عَزَّوَجَلَّ جي رضا حاصل ڪرڻ ۽ ثواب حاصل ڪرڻ جي لاءِ بيان ڪندس * ڏسي بيان ڪندس * سيپاري 14 سورة النحل آيت نمبر 125: اُدۡعُ اِلٰی سَبِیۡلِ رَبِّکَ بِالۡحِکۡمَۃِ وَ الۡمَوۡعِظَۃِ الۡحَسَنَۃِ ترجمو ڪنزالايمان: پنهنجي ربّ جي واٽ جي طرف سڏ پڪي سمجهه ۽ چڱي نصيحت سان“ ۽ بخاري شريف (حديث؛ 4361) جي هن فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: بَلِّغُوۡا عَنِّيۡ وَلَوۡ آيَة يعني ”منهنجي طرفان پهچايو جيتوڻيڪ هڪ ئي آيت هجي“ ۾ ڏنل احڪام جي پيروي ڪندس * نيڪي جو حڪم ڏيندس ۽ بُرائي کان منع ڪندس * شعر پڙهڻ، عربي، انگريزي ۽ ڏکيا لفظ ڳالهائڻ دؤران دل جي اخلاص تي توجُّھ رکندس يعني پنهنجي علميت جو ڌاڪو ويهارڻ مقصود ٿيو ته ڳالهائڻ کان بچندس * مدني قافلي، مدني انعامات ۽ علاقائي دوره براءِ نيڪي جي دعوت وغيره جي رغبت ڏياريندس * ٽهڪ ڏيڻ ۽ ڏيارڻ کان بچندس * نظر جي حفاظت بڻائڻ جي خاطر حتي الامڪان نگاهون جُهڪائي رکندس۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُلِلّٰہ عَزَّوَجَلَّ ماھـِهذُوالْحِجَّۃُ الْحَرَام پنهنجون برڪتون لُٽائي رهيو آهي، هي اُهي مبارڪ ڏينهن آهن جن ۾ لکين خوش قسمت عازمينِ حج، حج جي سعادت حاصل ڪري مَدِينَه مُنَوَّرَہ زَادَھَا الـلّٰـهُ شَرَفًاوَّتَعۡظِیۡمًا جي زيارت کان لُطف اَندوز ٿيندا آهن، يقينًا ذڪرِ مدينه عاشقانِ رسول جي لاءِ دل ۽ جان جي تسڪين جو سبب آهي. عُشاقِ مدينه ان جي فُرقت (جدائي) ۾ تڙپندا ۽ زيارت جا بي حد مشتاق رهندا آهن. دنيا جي جيتري زبانن ۾ جيتري قدر قصيدا مَدِينَه مُنَوَّرَہ زَادَھَا الـلّٰـهُ شَرَفًاوَّتَعۡظِیۡمًا جي وڇوڙي ۽