Book Name:Aashiqon ka Safr e Madina

چيو ته مون وٽ حديث جو اهو مطلب ناهي ته عمر ۾ ڪيترا به حج ڪجن ۽ زيارت هڪ دفعو ڪافي آهي پر هر حج سان گڏ زيارت ضروري آهي۔ هاڻي اوهان دعا فرمايو ته مان سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تائين پهچي وڃان ۽ روضي اقدس تي هڪ نظر پئجي وڃي، پوءِ چاهي ان وقت ئي دَم نِڪري وڃي۔ (عاشقان رسول جون 130حڪايتون)

اُس کے طُفیل حج بھی خُدا نے کرا دِیے

 

اَصلِ مُراد حاضِری اُس پاک دَر کی ہے

(حدائقِ بخشش ص202)

چَلوں دُنیا سے میں اِس شان سے اے کاش! یَااللہ

 

شَہِ اَبرار کی چوکَھٹ پہ سَر ہو میرا خَم مَولیٰ

سُنہری جالِیوں کے سامنے اے کاش! ایسا ہو

 

نکل جائے رسولِ پاک کے جلوؤں میں دَم مولیٰ

(وسائلِ بخشش ص98)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته عَاشقن جي اِمام،اعليٰ حضرت مَولانا شاہ اِمام اَحمد رضَا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مديني جي تاجدار، دوعالَم جي مالِڪ و مُختار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دربارِ فائِضُ الاَنوَار جي حاضِري جي لاءِ ڪيتري قدَر بيقَرار رَہندا هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه چاہين ها ته ڪجھ مُدَّت کان پوءِ اِن سَعادَت کان مُشَرَّف ٿي وڃن ها پرعِشقِ رسول جيئن ته توهان جو سَرمايو ۽ حاضِريِ بارگاھِ رسول سندن جي منزلِ مقصود هئي، تنهنڪري سَخت عَلالَت (بيماري) به اوهان کي درِ رسول جي حاضِري کان نه روڪي سَگھي، بس اوهان تي هڪ ئي ڌُن سُوار هئي ته بس ڪهڙي طرح به رَوضَهءِ رسول جي هڪ جَھلڪ ڏسي وٺان ۽ پنهنجون اکيون ٿڌيون ڪري وٺان، پوءِ ڀلي منهنجي جان به هلي وڃي تو مونکي ڪا پَرواھ نه ہوندي گڏوگڏ اوهان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو هي جُملو به تاريخ ۾ سُنہري اکرن سان لکڻ جي قابِل آهي ته ’’جيڪڏهن سچ پڇيو ته حاضِري جو اَصلِ مقصود زيارَتِ طيبَه آهي،