Book Name:Aashiqon ka Safr e Madina

ٻئي ڀيرا اِنهي نيت سان گھر کان هليا، مَعَاذَ اللہ عَزَّوَجَلَّ جيڪڏهن هي نه ہجي ته حج جو ڪو مزو ناهي۔‘‘

اي ڪاش !اسان کي به حُضورِ اَڪرم ،نُورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو حقيقي عِشق ۽ مديني جي سچّي تڙپ نصيب ٿي وڃي، يقيناً جن جي دِل ۾ مديني وڃڻ جو شوق رہندو آهي، اُن تي پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ضرور ڪرم ٿيندو آهي ۽ اَسباب ۽ وسيلا نه هئڻ جي باوُجود به اُنهن کي حَيرت اَنگيز طور تي حاضِري جي سَعادَت نصيب ٿي ويندي آهي، بلڪه جيڪڏهن ايئن چيو وڃي تو شايد غَلَط نه ہوندو ته مَڪهءِ مُڪرَّمَه ۽ مَدِينَهءِ مُنَوَّرَہ زَادَہُمَا اللّٰہُ شَرَفًاوَّتَعْظِيمًا اهي مُقَدَّس مقام آهن جتي ماڻهو خُود نه ويندا بلڪه گھُرايا ويندا آهن، اچو ته هاڻي مديني جي تڙپ دِل ۾ پيدا ڪرڻ جي لاءِ مَدِينَهءِ مُنَوَّرَہ زَادَہَا اللّٰہُ شَرَفًاوَّتَعْظِيمًا ۽ رَوضَہءِ اَقدَس جي حاضِري جي فضائل جي مُتَعَلق ٽي (3) فرامينِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿا:

مدينو ماڻهن کي پاڪ ۽ صاف ڪري ڇڏيندو آهي

﴿1﴾ اَلْمَدِيْنَةُ تَنْفِي النَّاسَ كَمَا يَنْفِي الْكِيْرُ خَبَثَ الْحَدِيْدِ يعني مدينهء مُنَوَّرَہ (زَادَھَا الـلّٰـهُ شَرَفًاوَّتَعۡظِیۡمًا) ماڻهن کي ايئن پاڪ ۽ صاف ڪري ڇڏيندو آهي جهڙي طرح بٺي لوھ جو زنگ صاف ڪر ي ڇڏيندي آهي۔([1])

شفاعت جو پَروانو

﴿2﴾ جيڪو شَخص منهنجي(قَبر جي) زِيارَت جي لاءِ آيو ۽ منهنجي زِيارَت کان سِواءِ اُن جو ڪو مَقصَد نه ہجي ته مون تي حق آهي ته آئون قِيامت

 



[1] مسلم، کتاب الحج،باب المدینہ تنفی شرارھا ، ص۷۱۷، حدیث:۱۳۸۲