Book Name:Aashiqon ka Safr e Madina

پاڻي پيئڻ جون سُنتون ۽ آداب

اچو ته! شيخِ طريقت، اميرِ اهلسُنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي رسالي ”163 مدني گُل“ مان پاڻي پيئڻ جون سُنتون ۽ آداب بُڌون ٿا. پهرينٻه فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: * اُٺ وانگر هڪ ئي ساهي ۾ نه پيو، بلڪ ٻه يا ٽي ڀيرا (ساهه کڻي) پيئو ۽ پيئڻ کان اڳ ۾ بِسۡمِ الله پڙهو ۽ پيئڻ کان پوءِ اَلحَمۡدُ لله چوندا ڪريو ـ (سنن ترمذي ج 3 ص 352 حديث 1892) * نبيّ اَڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٿانوءَ ۾ساهه کڻڻ يا ڦوڪ ڏيڻ کان منع فرمايو آهي ـ (سنن ابي داؤد ج 3 ص 474 حديث 3728) مُفَسّر شَهير، حڪيمُ الاُمت حضرت مفتي احمد يار خان عَليهِ رَحمةُ الۡحَنَّان هن حديث شريف تحت فرمائن ٿا: ٿانوءَ ۾ ساهه کڻڻ جانورن جو ڪم آهي، ۽ ساهه ڪڏهن زهريلو پڻ هوندو آهي انهي ڪري ٿانوءَ مان وات پري ڪري ساهه کڻو (يعني ساهه کڻڻ مهل گلاس جدا ڪيو) گرم کير يا چانهه کي ڦوڪن سان ٿڌو نه ڪيو بلڪ ڪجھ دير صبر ڪري ڪجھ ٿڌي ٿيڻ تي پيئو (مراٰة ج 6 ص 77) البت دُرود پاڪ وغيره پڙهي شِفا جي نيّت سان دم ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي* چوسي ڪري ننڍا ننڍا ڍُڪ ڀريو، وڏا ڍُڪ ڀَرڻ سان جگر جي بيماري پيدا ٿيندي آهي * پاڻي ٽئي ساهه ۾ پيئو * ساڄي هٿ سان ۽ ويهي پاڻي پيئو * پيئڻ کان پهرين ڏسو ته پيئڻ جي ٿانوءَ ۾ ڪا نقصان واري شيء وغيره ته ناهي (اتحاف السادة للزبيدي ج 5 ص 594) * پاڻي پيئڻ کان پوءِ اَلۡحَمۡدُلله چئو * پيئڻ جي ڪجھ گھڙي بعد خالي گلاس کي ڏسندا ته ان جي ديوارن مان ڪجھ قطرا هيٺ جمع ٿي چڪا هوندا ان کي به پي