Share this link via
Personality Websites!
اهو جنّت ۾ به ويندو جيئن ته مُفَسّرِ شَہِير،حڪيمُ الاُمَّت مفتي اَحمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تَحرير فرمائن ٿا: ڪجھ جانور جنّت ۾ ويندا، حُضور (عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام) جي ڏاچي قَصوا، اَصحابِ ڪهف جو ڪتّو، حضرت صالِح عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام جي ڏاچي (۽) حضرت عيسٰي(عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام) جو دراز گوش (يعني گڏھ۔)([1])
تنهنڪري جنهن ڪتّي کي اَمِيرِ مِلَّت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مُريد پٿر هنيو هو اهو به ڪو عام ڪتّو نه هو بلڪه اُن کي حبيبِ ڪبرِيا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري شہر مدينهء مُنَوَّرَہ زَادَھَا الـلّٰـهُ شَرَفًاوَّتَعۡظِیۡمًا سان نِسبت حاصِل هئي اهو مَحبوب جي وطن جي گهٽين سان تَعَلُّق رکڻ وارو هو، اِنهي سبب جي ڪري اَمِيرِ مِلَّت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اُن ڪتي جو اَدَب ۽ اِحتِرام بَجا آندائون ۽ اُن کان مُعافي جا طَلَبْگار ٿيا، بَہرحال هي عشق ۽ مَحَبَّت جون ڳالهيون آهن ۽ عشق ۽ مَحَبَّت وارا ئي اِن کي سمجهي سگھن ٿا۔
|
آپ کی گلیوں کے کُتّوں پہ تَصَدُّق جاؤں |
|
کہ مدینے کے وہ کُوچوں میں پِھرا کرتے ہیں |
|
آپ کی گلیوں کے کُتّے مجھ سے تو اچّھے رہے |
|
ہے سُکوں اُن کو مُیَسَّر سبز گُنبد دیکھ کر |
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
اي دَرد تنهنجي جڳھ منهنجي دل ۾ آهي
مُفَسّرِشَہِير،حڪيمُ الاُمَّت مفتي اَحمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن ۱۳۹۰ھ ۾حج ۽ زِيارَت جي سَعادَت حاصِل ڪئي،اِنهي متعلق سفرِ مدينه جو هڪ اِيمان اَفروز واقِعو بَيان ڪندي فرمائن ٿا: آئون مدينهء مُنَوَّرَہ زَادَھَا الـلّٰـهُ شَرَفًاوَّتَعۡظِیۡمًا ۾ تِرڪي ڪِري پَيس، ساڄي هٿ جي ڪرائي جي هڏي ٽٽي وئي،
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami