Book Name:Aashiqon ka Safr e Madina

سور وڌيو ته مون اُن کي چمي ڪري چيو: اي مديني جا درد! تنهنجي جگھ منهنجي دل ۾ آہي تُون ته مونکي محبوب جي دروازي کان مِليو آہين۔

تِرا دَرْد میرا دَرماں تِرا غم مِری خوشی ہے

 

مجھے دَرْد دینے والے تری بندہ پَروَرِی ہے

(فرمائن ٿا ته) سُور ته اُن وَقت کان غائب ٿي ويو پر ہٿ ڪم نه ڪندو ھو، سترنہن (17) ڏينهن کان پوءِ مُسْتَشفٰي مَلِڪ يعني شاہي اَسپتال ۾ ايڪسري ڪڍيو ته هڏي جا ٻه ٽڪرا آيا، جنهن ۾ ٿورو فاصلو آهي پر اسان عِلاج نه ڪرايو ،پوءِ آہِستہ آہِستہ ہٿ ڪم به ڪرڻ لڳو، مدينهء مُنَوَّرَہ زَادَھَا الـلّٰـهُ شَرَفًاوَّتَعۡظِیۡمًا جي اُن اَسْپتال جي ڊاڪٽر محمد اسمٰعيل چيو ته ہي خاص ڪرِشمَو ٿيو ته هي ہٿ طِبّي لِحاظ کان حَرَڪت به نه ٿو ڪري سگھي، اهو ايڪسري(X-Ray) مون وٽ آہي، هڏي اڃا تائين ٽٽل آهي، اِن ٽٽل ہٿ سان تفسير لکي رہيو آهيان، مون پنهنجي ان ٽٽل ہٿ جو عِلاج صِرف هي ڪيو ته آستانهء عَالِيه تي بيهي ڪري عرض ڪيو ته حُضور! منهنجو ہٿ ٽٽي ويو آهي، اي عبدُالله بن عَتِيڪ (رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ) جي ٽٽل ٽنگ جي پنڊلي (پني) جوڙڻ وارا ! اي مُعَاذ بن عَفرَاء (رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ) جي ٽُٽَلَ ٻانهن جوڙڻ وارا! منهنجو ٽٽل ہٿ به

جوڙي ڇڏيو۔([1])

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

 



[1] تفسیرِ نعیمی،۹ /۳۸۸