Book Name:Aashiqon ka Safr e Madina

اَنْور تي حاضري جي سعادت حاصل ٿيڻ واري آہي، تنهنڪري تمام اسلامي ڀائرن کي گھرجي ته زندگي ۾ جڏهن به مدينهء مُنوَّرہ جي حاضري جي سعادت حاصل ٿئي، ان مدني گُلن ۽ بہارِ شريعت جي روشني ۾ بيان ڪيل حاضريِ بارگاھ جي آداب جو خاص خيال رکون۔ اللہ عَزَّوَجَلَّ اسان سڀني کي مُرشد سان گڏ مديني جي بااَدَب حاضري نصيب فرمائي۔ اٰمِين بِجَاهِ النّبيِّ الاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مجلسِ مڪتوبات و تعويذاتِ عطّاريه

اَلْحَمْدُلِلّٰہ عَزَّوَجَلَّ تبليغِ قرآن و سُنّت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جي تحت تادمِ تحرير 97 کان وڌيڪ شعبا قائم آهن، اِنہن مان هڪ شعبو ”مجلسِ مڪتوبات و تعويذاتِ عطّاريه“ به آهي جيڪو ڏينهن رات پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڏکايل اُمّت جي غمخواري ڪرڻ ۾ مَصرُوفِ عمل آہي۔

اَلْحَمْدُلِلّٰہ عَزَّوَجَلَّ غمخواري اُمّت جي خوشبوئن کان لبريز ان مجلس جي طرف کان ہر مہيني تقريباً هڪ لک پنجويھ ہزار (1,25,000) بيمارن ۽ پريشان حال ماڻهن ۾ ڪم و بيش 4 لک کان وڌيڪ تعويذات ۽ اورادِ عطّاريہ رِضائي الٰہي جي لاءِ بالڪل مُفت تَقسِيم ڪيا ويندا آهن۔ ياد رہي! اِن مجلس جي برڪتون فقط ڪنهن مَخصُوص عَلائقي يا شہر تائين ئي مَحْدُود ناهن بلڪه پاڪستان جي سڀني صُوبن جي سوين شہرن ۾ سَوين بسته لڳايا ويندا آهن گڏوگڏ پاڪستان کان علاوہ ٻين مُلڪن ۾ مَثَلاً ساؤٿ آفريقا، ڪينيڊا،