Book Name:Aashiqon ka Safr e Madina

جُدائي ۽ ان جي ديدار جي تمنّا ۾ پڙهيا ويا، ايترا دنيا جي ڪنهن ٻي شهر يا خطّي (سر زمين) جي لاءِ نه پڙهيا ويا، جنهن کي هڪ ڀيرو به مديني جو ديدار ٿي ويندو آهي اهو پنهنجو پاڻ کي خوش نصيب سمجھندو ۽ مديني ۾ گذرندڙ حسين لمحن کي هميشه جي لاءِ يادگار قرار ڏيندو آهي. ڪنهن عاشقِ رَسول مديني جي پُرنُور فضائن ۾ گذريل گھڙين کي ياد ڪندي ڪيتري پياري انداز ۾ فرمائي ٿو ته .....

وُہی ساعَتیں تھیں سُرور کی، وُہی دن تھے حاصِلِ زِندَگی

بَحُضورِ شافِعِ اُمَّتاں مِری جِن دِنوں طَلَبی رہی

اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو مديني جو سفر

عاشقِ ماھـِه رِسَالت، اَعليٰ حضرت، اِمام اهلسنّت، مجددِ دِين ۽ مِلت مولانا شاهه اِمام احمد رضا خان عَـلَيْهِ رَحْمَةُ الـرَّحْمٰن پنهنجي ٻئي حج جي سفر ۾ حج جا رڪن ادا ڪرڻ کان پوءِ شديد عليل (يعني سخت بيمار) ٿي پيا، پر پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: بيماري جي وڌي وڃڻ کان وڌيڪ فڪر مون کي سرڪارِ اعظم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي حاضري جو هو۔ جڏهن بخار کي وڌندي ڏٺو ته مان انهيءَ حالت ۾ حاضريءَ جو ارادو ڪيو۔ سڀ عالِمَ سڳورا منع (يعني روڪيندا رهيا) پهريان ته اهو فرمايائون؛ ”توهان جي طبيعت اهڙي آهي ۽ سفر وڏوآهي! مون عرض ڪيو: جيڪڏهن سچ پڇيو ته حاضريءَ جو اصل مقصد طَيبه جي زِيارت آهي ۽ ٻئي ڀيرا اِن نِيّت سان گھران نڪتو هئس، مَعَاذَ اللہ عَزَّوَجَلَّ جيڪڏهن اهو نه هجي ته حج جو لطف ئي ناهي۔ اُنهن وري اِصرار ۽ منهنجي حالت ياد ڏياري ته مون حديث پڙهي؛ مَنْ حَجَّ وَلَمْ يَزُرْنِيْ فَقَدْ جَفَانِيْ يعني جنهن حج ڪيو ۽ منهنجي زيارت نه ڪئي ته ان مون سان جفا ڪئي۔ (کشف الخفا ج 2 ص 218 حديث 2458) فرمايائون توهان هڪ ڀيرو ته زيارت ڪري چڪا آهيو، مون