Book Name:Aashiqon ka Safr e Madina

مُفَسّرِ شَہِير، حڪيمُ الاُمَّت مفتي اَحمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ان حديثِ پاڪ جي تَحت فرمائن ٿا ته اتي رُوح مان مراد تَوَجّھ آهي نه ڪي اها جان جنهن سان زندگي قائم آهي، حُضور(صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) ته بَحَياتِ دائِمي (ہميشه جي زندگي سان گڏ) زندھ آهن۔ اِن حديث جو هي مطلب ناهي ته آئون هونئن ته بي جان رہندو آهيان ڪنهن جي دُرود پڙهڻ تي زِندھ ٿي ڪري جواب ڏيندو رهندو آهيان ائين ته ہر وقت حُضور(صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) تي لکين دُرود پڙهيا ويندا آهن ته لازم ايندو ته ہر وقت لکين ڀيرا پاڻ سڳورا (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جي رُوح نڪرندي ۽ داخِل ٿيندي رهي۔ خيال رہي ته حُضور (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) هڪ وقت ۾ بي شمار دُرود خوانن جي طرف يڪسان(برابر) تَوَجّھ رکندا آهن، سڀني جي سلام جو جواب ڏيندا آهن جيئن سج هڪ ئي وقت سڄي جهان تي تَوَجّھ ڪري وٺندو آهي، ايئن (ئي) آسمانِ نُبُوَّت جا سج هڪ وقت ۾ سڀني جو دُرود ۽ سَلام ٻُڌي به وٺندا آهن ۽ اُن جو جواب به ڏيندا آهن، پر اِن ۾ سرڪار (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) کي ڪا تڪليف به مَحسوس نه ٿيندي آهي، ڇو نه هجي جو مَظہرِ ذاتِ ڪبرِيا آهن، (جهڙي طرح) رَبّ تعاليٰ هڪ ئي وقت سڀني جون دُعائون ٻُڌندو آهي (اهڙي طرح ئي اُن جا مَحبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اُن جي عطا سان هڪ ئي وقت ۾ بي شُمار عاشقن جا دُرود ۽ سلام ٻُڌندا آهن۔)([1])

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

اچو ته! هاڻي حاضِري مدينه ۽ سفرِ مدينه جي متعلق بُزرگانِ دِين رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ الْـمُبین جا ڪجھ اِيمان اَفروز واقعا ۽ اُن مان حاصِل ٿيڻ وارا مَدَني گُل ٻُڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا۔ جيئن ته،

 



[1] مرآۃ المناجیح۲/۱۰۱