Book Name:Aashiqon ka Safr e Madina

اُنهن کي سَڏ آيو ته جِسم ۽ رُوح سان گڏ مديني جي طرف روانه ٿيا ۽ آستانهء عالِيه ۾ پہچي ڪري عقيدت سان ڀرپور اَشعار بارگاھِ اَقدَس ۾ ہديةً پيش ڪيا، ڪرم تي ڪرم اهو ٿيو ته بارگاھِ رِسالت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۾ عاشقِ زار جا اَشعار قَبولِيت جو دَرَجو حاصِل ڪري ويا، رَحمتِ مُصطَفٰي کي جوش آيو ۽ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن قَبرِ اَنور مان پنهنجو دَستِ اَطہر ٻاہر ڪڍي ڪري پنهنجي سچّي عاشق جي دَست بوسي جي پُراڻي خواہش کي ہٿو ہٿ پُورو فرمائي ڇڏيو۔

لب وا ہیں آنکھیں بند ہیں پھیلی ہیں جھولیاں

منگتا کا ہاتھ اٹھتے ہی داتا کی دَین تھی

 

کتنے مزے کی بھیک ترے پاک در کی ہے

دُوری قبول و عرض میں بس ہاتھ بھر کی ہے

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

اَمِيرِمِلَّت جو سفرِ مدينه

پنجاب (پاڪستان) جي مشہور عاشقِ رسول بُزُرگ اَمِيرِ مِلّت حضرت مَولانا پِير سَيّد جَماعت علي شاھ مُحَدِّث عَلي پُوري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هڪ ڀيري مَدِينَهء مُنَوَّرَہ زَادَھَا الـلّٰـهُ شَرَفًاوَّتَعۡظِیۡمًا ويا ته اُنهن جي ڪنهن مُريد مَدِينَهء مُنَوَّرَہ زَادَھَا الـلّٰـهُ شَرَفًاوَّتَعۡظِیۡمًا جي هڪ ڪتّي کي اِتِّفاقًا پٿر هڻي ڇڏيو جنهن جي ڌڪ سان ڪتّي رڙيون ڪيون، حضرت اَمِيرِ مِلّت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي ڪنهن ٻڌائي ڇڏيو ته توهان جي فُلان مُريد مديني شريف جي هڪ ڪتّي کي ماريو آهي۔ اهو ٻُڌي ڪري پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بي چين ٿي ويا ۽ پنهنجن مُريدن کي حُڪم ڏنو ته فوراً اُن ڪتّي کي تلاش ڪري هتي آڻيو جيئن ته ڪتّو آندو ويو، حضرت اَمِيرِ مِلّت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اٿيا ۽ روئيندي اُن ڪتّي سان مُخاطِب ٿي ڪري چوڻ لڳا: اي حبيب جي ديس ۾ رہڻ