Book Name:Aashiqon ka Safr e Madina

سُبْحٰنَ اللّٰہ عَزَّوَجَلَّ! دَردِ مدينه ته ڪو عاشقِ مدينه، اَمِيرِ اَہلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه کان سکي جو جڏهن پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه مديني شريف کان پَري ہوندا آهن، اُن وَقت به اوهان جي زبان تي ہر وقت ذِڪرِ مدينه و ذِڪرِ شاھِ مدينه جاري رہندو آہي، پر جڏهن بي چين دِلين جي چين، رَحمتِ دارَين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاھ کان اوهان کي سَفَرِ مدينه جي خوشخبري مِلندي آہي ته سندن جي دل جي دُنيا زَير و زَبر ٿي ويندي آهي، لڙڪن جو ٿميل طُوفان اکين جي ذريعي نڪري ايندو آهي ۽ ڄڻ ته پاڻ اِن اَشعار جي عَمَلي تصوير بڻجي ويندا آهن:

مدینے کا سَفَر ہے اور میں نَمدیدہ نَمدیدہ

 

جَبِیں اَفسُردہ اَفسُردہ بدن لَرزیدہ لَرزیدہ

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

اللہ عَزَّوَجَلَّ اسان کي به عاشقِ مدينه، اَمِيرِاَہلسُنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي صَدَقي غمِ مدينه جي لازوال دَولَت سان سَرفَراز فرمائي ۽ بار بار پنهنجي مرشِدِ ڪريم سان گڏ سَفَرِ مدينه جي سعادت ۽ مدينهء مُنَوَّرَہ زَادَھَا الـلّٰـهُ شَرَفًاوَّتَعۡظِیۡمًا جي بااَدَب حاضِري نصيب فرمائي. اٰمِين بِجَاهِ النّبيِّ الاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!اِن ڳالھ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته مدينهء مُنَوَّرَہ زَادَھَا الـلّٰـهُ شَرَفًاوَّتَعۡظِیۡمًا ۾ رَوضَهء رسول جي رُوبَرُو سَلام پيش ڪرڻ تمام وڏي سعادت آہي۔ اي ڪاش! اسان جي زِندگي ۾ به اهي مُبارَڪ گھڙيون اچن پر اهو به ياد رکو ته جنهن کي اِن دَر جي حاضِري نصيب ٿئي اُن جي لاءِ ضروري آہي ته اِن بارگاھِ عالي جي آداب جو خاص خيال رکي، ڇو جو ٿوري بي اِحتِياطي سَخت مَحرومي جو سبب بَڻجي سگھي ٿي۔ اچو ته! هاڻي خليفهء اعليٰ حضرت، صدرالشريعه، بدرالطريقه مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي لکيل عظيم الشان ۽ مايه ناز ڪتاب