Book Name:Aashiqon ka Safr e Madina

عشق ۽ اُلفت جو هي نِرالو انداز ہر هڪ جي سمجھ ۾ ته اچي نه ٿو سگھي ڇو جو طيبه جي حاضِري جي لاءِ وڃڻ وارا ته عام طور تي کلندي، مبارڪون وُصول ڪندي ويندا آهن۔ اهڙن زائرينِ مدينه جو پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه پنهنجي هڪ ڪلام ۾ هِن طرح مَدَني ذِہن بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آہي:

ارے زائرِمدینہ! تُو خوشی سے ہنس رہا ہے!

 

دلِ غمزَدہ جو پاتا تو کچھ اَور بات ہوتی

آخر ڪار انهي حالت (مديني جي خيال م گُم ٿي وڃڻ) جي عالَم ۾سفرِ مدينه جو آغاز ٿيو، جيئن جيئن منزل قريب ايندي وئي ، پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي عِشقَ جي شدت به وڌندي رهي، اُن پاڪ سرزمين تي پهچندي ئي توهان جُوتا لاهي ورتا. الله! الله! عشقِ رسول جي مزاج جي ايتري قدر سڃاڻپ رکڻ وارا ته خود ئي ڪلام ۾ فرمائن ٿا:

پاؤں میں جُوتا ارے مَحبوب کا کُوچہ ہے یہ

 

ہوش کر تُو ہوش کر غافل! مدینہ آگیا

اَمِيرِ اَہلِسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه اُن پاڪ سَرزمين جي آداب جو ايتري قدَر خيال رکندا هئا جو ۱۴۰۶ھ جي حج جي سَفَر ۾ پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي طبيعت ناساز ٿي۔ سَخت نزلو ٿي ويو، نڪ مان شِدّت سان پاڻي وهي رہيو هو۔ اِن جي باوُجود پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جن ڪڏهن به مدينَهء پاڪ جي سَرزمين تي نڪ صاف نه ڪيو، بلڪه پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي ہر ادا مان ادب ظاهر ٿيندو هو۔ جيستائين مدينهء مُنَوَّرَہ زَادَھَا الـلّٰـهُ شَرَفًاوَّتَعۡظِیۡمًا ۾ رہيا جيتري قدر ٿي سگھيو گُنبدِخضرا کي پُٺ نه ٿيڻ ڏني۔

مدینہ اس لئے عطّارؔ جان ودل سے ہے پیارا

 

کہ رہتے ہیں مِرے آقامِرے دِلبر مدینے میں

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد