Book Name:Aashiqon ka Safr e Madina

توهان جو (يعني زائرجي) مُنہن به ان پاڪ جالي جي طرف ٿي ويو آهي ،جيڪو اللہ عَزَّوَجَلَّ جي محبوبِ عظيمُ الشّان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي آرام گاہ آهي، اَدَب ۽ شوق سان گڏ دَرد ڀري آواز ۾ هنن اَلفاظن سان سلام عرض ڪريو:

اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ اَیُّھَا النَّبِیُّ وَ رَحْمَۃُ اللّٰہِ وَ بَرَکَاتُہٗ ط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُوْلَ اللّٰہِ ط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَا خَیْرَ خَلْقِ اللّٰہِ ط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ یَا شَفِیْعَ الْمُذْنِبِیْنَ ط اَلسَّلَامُ عَلَیْكَ وَ عَلٰی اٰلِكَ وَاَصْحٰبِكَ وَ اُمَّتِكَ اَجْمَعِیْنَ ط ([1])

پر خيال رہي ته سلام عرض ڪندي آواز نه ايتري بُلند ۽ سخت هجي جو سڀ اَعمال ہي ضائِع ٿي وڃن ۽ نه ئي گھڻو آہسته ہجي بلڪه مُعْتَدِل (درمياني) آواز ہئڻ گھرجي۔([2])

محفوظ سَدا رکھنا شَہا! بے اَدَبوں سے

 

اور مجھ سے بھی سرزَد نہ کبھی بے اَدَبی ہو([3])

* حضورِ اڪرم،نورِ مُجَسَّم (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) کان پنهنجي ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ، پير، اُستاد، اَوْلاد، عزيزن، دوستن ۽ سڀ مسلمانن



[1]يعني اي نبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! توهان تي سلام ۽ اللہ عَزَّوَجَلَّ جي رَحمت ۽ برڪتون۔ اي اللہ عَزَّوَجَلَّ جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم توهان تي سلام ۔ اي اللہ عَزَّوَجَلَّ جي سڄي مخلوق کان بہتر، توهان تي سلام۔ اي گُناھ گارن جي شَفاعَت ڪرڻ وارا توهان تي سلام۔ توهان تي، توهان جي آل ۽ اَصحاب تي ۽ توهان جي سڄي اُمَّت تي سلام۔

[2]بہارِ شریعت ،حصہ ۶،۱/۱۲۲۴-۱۲۲۵،ملتقطاً و مفہوماً

[3] وسائل بخشش،ص۱۹۳