Book Name:Aashiqon ka Safr e Madina

جي لاءِ شفاعت گھُرو، بار بار عرض ڪريو: اَسْئَلُكَ الشَّفَاعَةَ يَـا رَسُوْلَ اللّٰهِ (يا رسولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! آئون توهان کان شفاعت گھران ٿو) *پوءِ جيڪڏهن ڪنهن سلام عرض ڪرڻ جي وصيت ڪئي هجي ته بجا آڻيو۔ شَرعاً ان جو حڪم آہي * جيستائين مدينه طَيبه جي حاضري نصيب ٿئي، هڪ ساھ به بيڪار نه وڃڻ ڏيو، ضَرورِيات کان سِواءِ اڪثر وقت مسجد شريف ۾ باطَہارت حاضر رهو، نماز ۽ تلاوت ۽ دُرود ۾ وقت گذاريو، دُنيا جي ڳالھ ڪنهن به مسجد ۾ نه ڪرڻ گھرجي نه ئي صرف هتي* مدينه طَيبه ۾ روزو نصيب ٿئي، خُصُوصًا گرمي جي ڏينهن ۾ ته ڇا ئي ڳالھ آهي جو ان تي شفاعت جو واعدو آہي * هتي هڪ نيڪي جون پچاس ہزار(50,000) نيڪيون لکيون وينديون آهن، تنهنڪري عبادت ۾ وڌيڪ ڪوشش ڪريو، کائن پيئڻ ۾ ڪمي ضرور ڪريو ۽ جيستائين ٿي سگھي تَصَدُّق (صَدَقو)ڪريو * روضهء اَنْور تي نظر عبادت آہي جيئن ڪعبهء مُعَظَّمَہ يا قرآنِ ڪريم کي ڏسڻ، ته اَدَب سان گڏ اِن جي ڪثرت ڪريو۽ دُرود ۽ سلام عرض ڪندا رهو * پنجگانه (ڏينهن ۾ 5 ڀيرا )يا گھٽ ۾ گھٽ صبح ۽ شام مُوَاجَه شريف ۾ سلام عرض ڪرڻ جي لاءِ حاضر ٿيو* شہر ۾ چاهي شہر کان ٻاہر جيستائين گُنبذ مُبارَڪ تي نظر پوي، فوراً دَست بَستَه (ہٿ ٻَڌي ڪري) ان طرف منهن ڪري صلوٰة و سلام عرض ڪريو، اِن جي بغير ہرگز نه گُذريو ته خلافِ ادب آہي * قبرِڪريم کي ہر گز پُٺ نه ڪئي وڃي ۽ جيتري قدر ٿي سگھي نماز ۾ به اهڙي جڳھ نه بيهو جو پُٺ ڪرڻي پوي * روضَهء اَنور جو نه طواف ڪريو، نه سجدو، نه اُن جي سامهون ايترو جھڪو جو رُڪوع جي برابر ٿئي۔ رسولُ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تعظيم اُنهن جي اطاعت ۾ آہي (۽ روضَهء اَنور کي سجدو و طواف ڪرڻ يا اُن جي اڳيان رُڪوع جي حَد تائين جھڪڻ اِطاعتِ رسول