Book Name:Aashiqon ka Safr e Madina

نامدار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي فَضْل ۽ ڪرَم جي اُمّيد رکندي، پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي قَدَمينِ شَرِيفَين جي طرف کان سنہري جالين جي رُوبَرُو(يعني سامهون) مُوَاجَه شريف ۾ حاضِر ٿئي ته سرڪارِ مدينه، راحتِ قلب و سينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي مزارِ پُر اَنوار ۾ رُو بَقِبله (رُو بہ قِبلہ يعني قبلي رُخ) جلوہ اَفروز آهن، تنهنڪري مُبارَڪ قَدمن جي طرف کان جيڪڏهن توهان حاضِر ٿيندا ته سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نِگاھِ بي ڪس پناھ ،براھِ راست توهان جي طرف ٿيندي ۽ اها ڳالھ بيحد (بي حد) ذَوق اَفزا هئڻ سان گڏوگڏ توهان جي لاءِ سَعادتِ دَارَين (يعني دُنيا و آخرت جي سعادت) جو سبب به آهي * قِبلي کي پُٺ ڪري گھٽ ۾ گھٽ چار ہٿ (يعني ٻه گز) پَري نماز وانگر ہٿ ٻَڌي ڪري سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي چہرهء اَنور جي طرف رُخ ڪري بيهي جو فتاويٰ عَالمگِيري وغيرہ ۾ اهو ئي اَدَب لکيل آهي ته يَقِفُ كَمَا يَقِفُ فِي الصَّلَاةِ ، يعني سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دَرٻار ۾ اِن طرح بيهي جهڙي طرح نماز ۾ بيهندا آهيون۔ ياد رکو! سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي مزارِ پُر اَنوار ۾ عين حياتِ ظاہري وانگر زِندھ آهن ۽ توهان کي يعني حاضري ڏيڻ واري کي به ڏسي رهيا آهن بلڪه توهان جي يعني زائر جي دِل ۾ جيڪي خَيالات اچن پيا اُن تي به مُطَّلع (باخبر) آهن۔ خبردار! جالي مُبارَڪ کي چُمڻ يا ہٿ لڳائن کان بچو ته هي خِلافِ اَدَب آهي ته اسان جا هٿ اِن قابل ئي ناهن جو جالي مُبارَڪ کي ڇُهي سگھن، تنهنڪري چار(4) ہٿ (يعني ٻه گز) پَري ئي رهو، (ٿورو سوچو ته) هي شَرَف ڇا گھٽ آهي ته سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن توهان کي يعني زائر کي پنهنجي مُوَاجَه اَقْدَس جي ويجھو گھُرايو ۽ سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نِگاھِ ڪرَم هاڻي خُصُوصِيت سان توهان جي (يعني زائرجي) طرف آہي * هاڻي (جڏهن ته) دل وانگر